واشنگٽن(م ڊ) ناڻي واري وزير سينيٽر محمد اورنگزيب چيو آهي ته پاڪستان وٽ معاشي سڌارن کانسواءِ ٻيو ڪو رستو ناهي. واشنگٽن ۾ ناڻي واري وزير محمد اورنگزيب عالمي مالياتي فنڊ (آءِ ايم ايف) جي ڊائريڪٽر سان ڳالهه ٻولهه ڪئي. ناڻي واري وزير وڌيڪ چيو ته ٽيڪس ڊفالٽرن کي ٽيڪس نيٽ ۾ آڻينداسين، امداد بدران سيڙپڪاري تي ڀروسو ڪرڻ چاهيون ٿا، خساري ۾ هلندڙ ادارن جي نجڪاري ڪئي ويندي. G24 وزارتي اجلاس کي خطاب ڪندي محمد اورنگزيب چيو ته ترقي پذير ملڪن تي قرضن جي وڌيڪ بار جو مسئلو حل ڪرڻ جي ضرورت آهي. پاڪستان سميت ترقي پذير ملڪن کي موسمياتي تبديلين تي گڏجي ڪم ڪيو وڃي. ان موقعي تي ناڻي واري وزير سعودي هم منصب سان ملاقات ڪئي ۽ ٻه طرفي واپار وڌائڻ ۽ اهم شعبن ۾ سيڙپڪاري کي هٿي ڏيڻ جي عزم جو اظهار ڪيو. ان موقعي تي سٽي بئنڪ جي وفد ناڻي واري وزير سينيٽر محمد اورنگزيب سان پڻ ملاقات ڪئي. ناڻي واري وفاقي وزير محمد اورنگزيب چيو آهي ته چين توانائي شعبي جي قرضن جي ري پروفائلنگ جي درخواست تي حوصلا افزا جواب ڏنو آهي.