گڏيل قومن جي انساني حقن جي شعبي ڇويهين ترميم تي خدشا ظاهر ڪري ڇڏيا

جنيوا ( م ڊ) گڏيل قومن جي انساني حقن جي سربراهه واڪر ٽرڪ 26هين آئيني ترميم تي سخت خدشن جو اظهار ڪندي چيو آهي ته کيس خدشو آهي ته اها ترميم عدليه جي آزادي کي مجروح ڪندي. گڏيل قومن جي انساني حقن واري آفيس اڱاري تي ايڪس تي هڪ پوسٽ ۾ چيو آهي ته واکر ٽرڪ کي خدشو آهي نئين آئيني ترميم جي منظوري لاءِ وسيع مشاورت ۽ بحث کي نظرانداز  ڪندي جلد بازي کان ڪم ورتو ويو.  هن وڌيڪ چيو ته آئيني ترميمن کي انساني حقن جي عالمي قانونن سان مطابقت هئڻ گهرجي.  ان کان اڳ، انٽرنيشنل ڪميشن فار جيورسٽ (آءِ سي جي) سومر تي هڪ بيان ۾ آئيني ترميمن کي عدليه جي آزادي لاءِ ڌڪ قرار ڏنو.آءِ سي جي جي سيڪريٽري جنرل سانٽياگو ڪينٽن چيو آهي ته ”انهن عدليه کي رياست جي ٻين حصن تائين پهچڻ ۽ انساني حقن جي حفاظت ڪرڻ کان روڪيو آهي، ان ڪري ان جي آزاديءَ ۽ موثر طريقي سان ڪم ڪرڻ جي صلاحيت ختم ٿي وئي آهي. گڏيل قومن جي انساني حقن جي آفيس اڱارو ڏينهن "ايڪس” تي هڪ پوسٽ ۾ چيو آهي ته واکر ٽرڪ کي خوف آهي ته نئين آئيني ترميم جي منظوري لاءِ وسيع مشاورت ۽ بحث کي نظرانداز ڪندي جلد بازي کان ڪم ورتو ويو.   هن وڌيڪ چيو ته آئيني ترميمن کي انساني حقن جي عالمي قانونن سان مطابقت هئڻ گهرجي.

 

You might also like
Leave A Reply

Your email address will not be published.