انقرا/ اسلام آباد (م ڊ) ترڪيه جي دفاعي اداري ترڪ ايوي ايشن ڪمپني (ٽي يو ايس اي ايس) جي هيڊ ڪوارٽر تي آپگهاتي حملي ۾ 5 ڄڻا مارجي ويا ۽ 14 زخمي ٿي پيا، جڏهن ته 3 دهشتگرد مارجي ويا، پرڏيهي خابرو اداري موجب ترڪي جي گهرو وزير علي يرلڪايا انقره ۾ ترڪي ايرو اسپيس انڊسٽريز جي هيڊ ڪوارٽر ٻاهران ڌماڪي کي آپگهاتي حملو قرار ڏنو آهي، مقامي ميڊيا موجب ڌماڪي سبب انقره کان 40 ڪلوميٽر اتر ۾ ڪهرامانڪازان جو ننڍڙو شهر دونهين ۾ گهيرجي ويو، حملي دوران ملازمن کي يرغمال بڻايو ويو، ترڪي جي عملدارن جو چوڻ آهي ته هڪ بمبار پاڻ کي ڌماڪي سان اڏائي ڇڏيو ۽ ٻئي سيڪيورٽي فورسز تي فائرنگ ڪئي، ترڪي ميڊيا موجب حملو ٽن دهشتگردن ڪيو، جن ۾ هڪ عورت به شامل آهي، ڌماڪي ۽ فائرنگ کانپوءِ ڪمپني جي ملازمن کي ٻاهر ڪڍي محفوظ هنڌ منتقل ڪيو ويو، جڏهن ته ڪنهن به گروپ حملي جي ذميواري قبول ناهي ڪئي، ترڪيه جو هي دفاعي ادارو سول ۽ فوجي جهازن ۽ هيلي ڪاپٽرن کان سواءِ ڪمپني ڊرون به ٺاهي ٿي، جيڪي نه رڳو ترڪ فوج استعمال ڪري ٿي پر سڄي دنيا ۾ وڪرو ٿين ٿا، هوڏانهن صدر آصف علي زرداري ۽ وزيراعظم شهباز شريف حملي ۾ مارجي ويلن جي خاندانن سان تعزيت ۽ زخمين جي جلد صحتيابي لاءِ دعا گهري آهي. صدر چيو آهي ته پاڪستان هن ڏکئي وقت ۾ ترڪي جي ڀائرن ۽ ڀينرن سان گڏ بيٺل آهي، دهشتگردي هڪ عالمي چئلينج آهي، پاڪستان به دهشتگردي کي منهن ڏنو، وزيراعظم شهباز شريف به دهشتگرد حملي کي افسوسناڪ قرار ڏنو آهي، روسي صدر ولادي مير پيوٽن ۽ نيٽو جي سربراهه به ترڪي ۾ دهشتگرد حملي جي مذمت ڪئي آهي.