اسلام آباد(اعزاز سيد+آصف بشير چوڌري)26هين ترميم تي سپريم ڪورٽ جو ردعمل ايندو؟حڪومت ۽اسٽيبلشمينٽ ان ڳالهه کي محسوس نه ڪري سگهي؟جج پنهنجي ويجهن ماڻهن سان ڳالهيون واضح ڪرڻ لڳا،وڪيل ۽ جج 26 آڪٽوبر جو انتظار ڪرڻ لڳا، سپريم ڪورٽ ۾ ٽئين نمبر تي جونيئر جج مقرر ٿيڻ باوجود ڪا به استعيفيٰ نه آئي،جسٽس منصور شاهه جي چيمبر ۾ جسٽس يحيٰ آفريدي چانهه پيتي،اهو هڪ روٽين جو معاملو آهي،ساڳئي چيمبر ۾ انهن جا ٽي چار ويجها دوست ويٺل هئا،پاڪستان ۾ 84 سيڪڙو ڪيس ضلعي عدالتن ۾،15 سيڪڙو هاءِ ڪورٽن ۾ ۽ 2 سيڪڙو ڪيس سپريم ڪورٽ ۾ التوا ۾ پيل آهن، سياستدانن ته انهن ترميمن ذريعي پاڻ سان ٿيل زيادتين جو پلاند ورتو آهي، پر عام ماڻهن جا ڪيس تڪڙا هلائڻ لاءِ ڪي به عدالتي سڌارا ناهن آندا ويا، عام ماڻهو مسئلو اڃا تائين حل ناهي ٿيو، حڪومت آئيني ترميم آڻي ئي رهي هئي ته ضلعي عدليه ۾ به سڌارا آڻي ها،پاڪستان انصاف جي فراهمي ۾ دنيا ۾ 138 هين نمبر تي سپريم ڪورٽ جي ڪري نه پر ضلعي عدليه جي ڪري آهي،اهو ياد رکڻ گهرجي ته اعليٰ عدليه ۾ جيڪڏهن سياستدانن سان ناانصافيون ٿيون آهن ته انهن کي رليف به ساڳي ئي عدليه مان مليو آهي، هن وقت ملڪ اندر ڊمي حڪومتن جو سلسلو هلندڙ آهي،عدليه تي پارليامينٽ ذريعي ڌاڪ ويهاري وئي آهي،جيئن آرمي چيف بڻجڻ لاءِ جنرل لابنگ ڪندا آهن هاڻي جج به سپريم ڪورٽ جو چيف جسٽس بڻجڻ لاءِ لابنگ ڪندي نظر ايندا ،پارلياماني ڪميٽي ڪيتري آزاد آهي اها سڀني کي خبر آهي؟ ڪنهن به جج کي چيف جسٽس بڻائڻ کانپوءِ ان تي ڪنهن به لالچ يا خوف جو پاڇولو پوڻ ناهي ڏيڻو،سپريم ڪورٽ ۾ سڀ کان وڌيڪ جوابدار حڪومت هوندي آهي،توهان فوج ۾ سڌارا نه آندا،اڄ فوج ڪاروبار ڪري رهي آهي، ڀارت ۾ سڌارا اچي ويا، اتي زميني سڌارا اچي ويا، افتخار چوڌري جي تحريڪ کانپوءِ جج طاقتور بڻجي ويا هئا،19هين ترميم لاءِ اسٽيبلشمينٽ سان گڏجي افتخار چوڌري کي پارليامينٽ کي بليڪ ميل نه ڪرڻ گهرجي ها، مسئلو اهو آهي ته اسٽيبلشميٽ ۽ ججن جو اڳ ۾ ڳٺ جوڙ هو،چونڊيل وزيراعظمن کي گهر موڪلي ڇڏيندا هئا، هن ترميم سان پهريون ڀيرو عدليه اسٽيبلشمينٽ کان پري ٿي پارليامينٽ سان جڙي آهي،هاڻي ڪنهن به ايڊونچر تي جج پارليامينٽ ڏانهن ڏسندا.
نوٽ: هي تجزيو، روزاني عوامي آواز، خميس 24 آڪٽوبر 2024ع تي شايع ٿيو