بشريٰ بي بي ضمانت منظور ٿيڻ باوجود آزاد نه ٿي

اسلام آباد ( م ڊ ) اسلام آباد هاءِ ڪورٽ توشا خانا ڪيس ۾ اڳوڻي وزيراعظم عمران خان جي گهرواري بشريٰ بي بي جي ضمانت منظور ڪري ورتي. توشا خانا ڪيس ۾ بشريٰ بي بي جي ضمانت جي درخواست تي اسلام آباد هاءِ ڪورٽ جي جسٽس ميان گل حسن اورنگزيب ٻڌڻي ڪئي، ان موقعي تي ايف آءِ اي پراسيڪيوٽر عمير مجيد ۽ بشريٰ بي بي جو وڪيل سلمان صفدر پيش ٿيا. ٻڌڻي دوران جسٽس ميان گل حسن اورنگزيب چيو ته جيڪڏهن اوهان کي يا ڊپٽي اٽارني جنرل موقعو ته آذربائيجان وڃي ڏسو، آذربائيجان ۾ هڪ اهڙي ميوزيم آهي جتي تحفا رکيا ويندا آهن، سڄي دنيا جي صدرن کي جيڪي تحفا ملندا آهن اُهي اتي سندن تصويرن سان گڏ رکيا ويندا آهن. جسٽس ميان گيل حسن چيو ته اتي وڃڻ ٿيو جتي بينظير ڀٽو جي تصوير نظر آئي، بدقسمتيءَ سان ڪنهن ٻئي ڪا به تصوير نه آئي. هن چيو ته بشريٰ بي بي تحفا جمع نه ڪرايا ته پي ٽي آءِ باني کي جوابدار ڇو بڻايو ويو؟ جنهن تي ايف آءِ اي پراسيڪيوٽر چيو ته ڇو ته پبلڪ آفيس هولڊر پي ٽي آءِ باني عمران خان هو. جسٽس ميان گل حسن چيو ته هي ته قاضي فائز عيسيٰ جهڙو ڪيس آهي، اُن ڪيس ۾ به مڙس کي زال جي ڪيتي جي جو ذميوار قرار ڏنو ويو هو، جنهن تي ايف آءِ اي پراسيڪيوٽر چيو ته هي ڪيس ان کان ٿورو مختلف آهي. ان کانپوءِ عدالت بشريٰ بي بي جي ضمانت جي درخواست منظور ڪندي کيس آزاد ڪرڻ جو حڪم ڏنو، عدالت بشريٰ بي بي کي ڏهه، ڏهه لکن جا ٻه ضمانتي مچلڪا جمع ڪرائڻ جو حڪم پڻ ڏنو.  پي ٽي آءِ جي باني بشرا بي بي جي توشه خانه 2 ڪيس ۾ ضمانت منظور نه ٿي سگهي. سينيئر اسپيشل جج سينٽرل شاهه رخ ارجمند جي غير حاضري ۽ اسپيشل جج سينٽرل نمبر 2 همايون دلاور جي وڃڻ سبب فيصلو نه ٿي سگهي. پي ٽي آءِ جا وڪيل درخواستون جمع ڪرائڻ لاءِ عدالتن ۾ گهمندا رهيا ۽ عدالت جو وقت پورو ٿي ويو.

 

You might also like
Leave A Reply

Your email address will not be published.