ڪراچي ۾ وحشي جوابدار ذاتي دشمني تان 6 ورهين جو ٻار قتل ڪري ڇڏيو

ڪراچي (رپورٽر) ڪراچي ۾ جوابدار تيز ڌار اوزار سان حملو ڪري معصوم ٻار کي قتل ڪري ڇڏيو، حملي ۾ مقتول جي ماءُ ۽ معصوم ڀيڻ به زخمي ٿي پئي،  اورنگي ٽائون سيڪٽر 8 واري علائقي ۾ وحشي جوابدارن گهر ۾ گهڙي عورت ۽ سندس 2 ٻارڙن کي تيز ڌار اوزار سان زخمي ڪري ڇڏيو، هڪ معصوم ٻار 6 ورهين جي سبحان زخمن جا سور نه سهندي دم ڏئي ڇڏيو، 5 ورهين جي عليزا ۽ 35  ورهين جي رمشا زال شاهه رخ زخمين ۾ شامل آهن، پوليس اختيارين موجب واقعو ذاتي دشمني جو نشانو آهي، جنهن ۾ متاثر خاندان جو ويجهو مائٽ ملوث آهي، جنهن جي گرفتاري لاءِ اسپيشل ٽيم جوڙي وئي آهي.

 

You might also like
Leave A Reply

Your email address will not be published.