پاڪستان سميت دنيا ۾ اڄ 24 آڪٽوبر تي (اچو ته پوليو جو خاتمو يقيني بڻايون) جي عنوان هيٺ ورلڊ پوليو ڊي ملهايو پيو وڃي جنهن جو مقصد عوام کي پوليو جي نقصانن بابت آگاهي مُهيا ڪرڻ آهي ڇاڪاڻ ته ٻارن کي معذور بڻائيندڙ پوليو ھڪ خطرناڪ قسم جو وائرس آھي جنھن جو شڪار ننڍي عمر جا ٻار ٿين ٿا ھي وائرس متاثر ٻار جي فضلي ذريعي گندي پاڻي ۾ اچڻ کانپوءِ ھوا ۾ ڦهلجي ٻين ٻارن ۾ ساھه کڻڻ رستي جسم ۾ داخل ٿي کين متاثر ڪري معذور بڻائي ٿو پوليو جي شروعاتي نشاني بدن ۾ ٿڪاوٽ،بخار،مٿي جو سور،الٽي، ڄنگھن ۾ سور ۽ ٻيون علامتون شامل آھن جيڪڏھن شروع ۾ ئي احتياط کان ڪم وٺي ٻارن کي پوليو کان بچاءِ جي ويڪسينيشن يا ڦڙا پياريا وڃن ته جئين ٻارن ۾ ان وائرس خلاف قوت مدافيت پيدا ٿي سگهي ۽ کين پوليو وائرس کان بچائي سگهجي.
پوليو جي خاتمي لاءِ عالمي سطح تي 1988ع کان وٺي ڪوششون ورتيون ويون جڏھن ته پاڪستان ۾ پوليو جي خاتمي لاءِ ٻارن کي بچاءِ جا ڦڙا پيارڻ جي باقائده شروعات 1994 ۾ ڪئي وئي ان وقت پاڪستان ۾ ساليانو تقريبن 20 هزار کان وڌيڪ ٻار پوليو کان متاثر ٿيندا هئا پر مسلسل پوليو خلاف قومي مهمون هلائڻ جي ڪري هن وقت ملڪ ۾ پوليو ڪيسن جو تعداد گهٽ آهي پر بدقسمتي سان پاڪستان ۾ اڄ ڏينھن تائين پوليو وائرس جو مڪمل خاتمو ناهي ٿي سگهيو جڏهن ته پاڪستان ۽ افغانستان کانسواءِ سڄي دنيا مان پوليو وائرس جو خاتمو ٿي ويو آھي.
پاڪستان ۽ پاڙيسري ملڪ افغانستان ۾ پوليو جا ڪيس رپورٽ ٿيڻ نه صرف پاڪستان پر دنيا لاءِ پڻ چيلنج بڻيل آھي ڇاڪاڻ ته پوليو جو وائرس ھڪ انسان ذريعي هڪ جاءِ کان ٻي جاءِ تي آساني سان منتقل ٿي سگھي ٿو جنهن کي روڪڻ لاءِ پوليو خلاف ڦڙا پيارڻ يا ويڪسين ئي حل آهي پاڪستان سميت دنيا مان پوليو وائرس جي خاتمي ۽ ٻارن کي پوليو کان بچاءُ جا ڦڙا پيارڻ لاءِ صحت جي عالمي اداري،يونيسيف، بل گيٽس فائونڊيشن سميت ٻيا عالمي ۽ مقامي ادارا پاڪستان جي ڀرپور مدد ڪري رهيا آهن ته جئين پاڪستان مان پوليو وائرس جو خاتمو آڻي ٻارن کي هن مهلڪ بيماري کان بچائي سگھجي.
حڪومت پاران سخت قدم کڻڻ ۽ پوليو خلاف هر مهم کي ڪامياب بنائڻ لاءِ ڪيل انتظامن سبب سال 2021 ۾ پاڪستان ۾ پوليو جو صرف ھڪ ڪيس بلوچستان جي علائقي ۾ ظاھر ٿيو جڏهن ته سال 2020 ۾ ملڪ جي 38 ضلعن ۾ پوليو جا صرف 84 ڪيس رپورٽ ٿيا جن مان سنڌ ۾ 22، پنجاب 14، بلوچستان 26 ۽ خيبرپختون خواھه صوبي ۾ 22 پوليو جا ڪيس رپورٽ ٿيا هئا جڏهن ته سال 2019 ۾ پوليو ڪيسز جو انگ تمام گھڻو هو جڏھن ته گذريل سال ملڪ ۾ صرف 6 ڪيس ۽ ھلندڙ سال 2024 ۾ ملڪ ۾ 39 پوليو جا ڪيس رپورٽ ٿي چڪا آھن پوليو جي وڌندڙ ڪيسن کي نظر ۾ رکندي حڪومت پاران پوليو خلاف اثرائتي مهم هلائڻ سان گڏ ٻيا ضروري قدم کنيا پيا وڃن.
حڪومت پاران ھر ڊويزن سطح تي ڪمشنرن جي اڳواڻي ۾ ڊويزنل ٽاسڪ فورس ۽ ضلعي ۾ ڊپٽي ڪمشنرن جي اڳواڻي ۾ صحت،روينيو،پوليس،پاپوليشن ۽ ٻين لاڳاپيل کاتن جي عملدارن تي ٻڌل ڊسٽرڪٽ پوليو ايريڊيڪيشن ڪميٽيون پڻ جوڙيون ويون آھن جيڪي ھر پوليو مھم کي ڪامياب بنائڻ، ٽيمن جي نگراني، ريفيوزل ٻارن کي پوليو کان بچاءُ جا ڦڙا پيارڻ ۽ ٽارگيٽ مڪمل ڪرڻ لاءِ اجلاس طلب ڪري مھم کي ھڪ سو سيڪڙو ڪامياب بنائڻ لاءِ انتظامن کي حتمي شڪل ڏيڻ سان گڏ مائڪرو پلان جي جوڙ جڪ، پوليو ٽيمن جي بھتر تربيت ۽ ٻين مسئلن کي حل ڪرڻ لاءِ مقامي سطح تي قدم کڻن ٿيون جڏھن ته ڊويزن،صوبي ۽ ملڪي سطح تي پڻ سيل قائم ڪري پوليو وائرس جي روڪ ٿام جي حوالي سان تڪڙا اپاءِ ورتا پيا وڃن جڏهن ته سنڌ ۾ صوبائي وزير صحت ڊاڪٽر عذرا فضل پيچوهو پاران پوليو خلاف هر قومي يا خصوصي مهم کان پهريان ۽ بعد ۾ فيلڊ ۾ وڃڻ ۽ وڊيو لنڪ ذريعي اجلاس منعقد ڪري پوليو خلاف مهم بابت هدايتون جاري ڪرڻ سبب صوبي ۾ پوليو خلاف ڪافي ڪاميابي حاصل ٿي آهي. صوبي جي هر ضلعي ۾ ماءُ ۽ ٻار جي صحت لاءِ حفاظتي ٽڪن واري سهولت سان گڏ پوليو خلاف مهم ھلائي پنج سال تائين عمر جي ھر ٻار کي مفت ۾ سندس گھر تي پوليو کان بچاءُ جا ڦڙا پيارڻ لاءِ ليڊي ھيلٿ ورڪرن سان گڏ گشتي رضاڪارٽيمون ڪم ڪري رهيون آهن ان کانسواءِ پوليو وائرس جي نقصانن ۽ ٻارن جي صحت لاءِ پرنٽ، اليڪٽرانڪ ۽ سوشل ميڊيا جي ذريعي پڻ عوام کي آگاهي ڏني پئي وڃي ته جئين والدين ڪجهھ شرپسند عنصرن پاران پوليو ويڪسين جي خلاف منفي پروپيگنڊا جي ڪري پنهنجي معصوم ٻارن کي پوليو کان بچاءِ جا ڦڙا پيارڻ کان انڪار نه ڪن ۽ پنهنجي ٻارن جي صحت داءُ تي نه لڳائين.