سامونڊي طوفان جو خطرو، لکين ماڻهو لڏپلاڻ تي مجبور

نار بنگال ۾ ٺهندڙ سامونڊي طوفان ” دانا “ ڀارت تي اثراندز ٿيڻ شرو ٿي ويو.
پرڏيهي ميڊيا موجب، ڀارتي رياست بنگال ۽ اڙيسا ۾ سامونڊي طوفان دانا سبب هاءِ الرٽ جاري ڪيو ويو آهي، طوفان جي خدشي کي نظر ۾ رکندي ٽڪل ڏهه لک ماڻهو لڏپلاڻ ڪري رهيا آهن جڏهن ته سمورا تعليمي ادارا بند ڪيا ويا آهن ۽ اٽڪل ٻه سئو ٽرينون پڻ معطل ڪيو ويو آهن.
ڀارتي موسميات کاتي موجب، وچ اوڀر نار بنگال وٽ هوا جو دٻاءُ ڇهه ڪلوميٽر في ڪلاڪ جي رفتار سان اوتر اولهه ڏانهن وڌي رهيو آهي جيڪو اربع تائين طوفان جي صورت اختيار ڪري ويندو.
موسميات کاتي موجب، اِهو طوفان چويهين آڪٽوبر جي رات ۽ پنجويهين آڪٽبر جي صبح هڪ سئو يا هڪ سئو ڏهه ڪلو ميٽر في ڪلاڪ جي رفتار سان اوتر اڙيسا ۽ اولهه بنگال جي سامونڊي پٽي سان ٽڪرائيندو.
مقامي موسميات کاتي موجب، ان دوران طوفاني هوائون هڪ سئو ويهه ڪلوميٽر في ڪلاڪ جي رفتار سان گهلنديون جڏهن ته تيز برساتن جو امڪان پڻ ظاهر ڪيو ويو آهي.

You might also like
Leave A Reply

Your email address will not be published.