جسٽس يحيٰ آفريدي نئون چيف جسٽس آف پاڪستان نامزد

اسلام آباد(بيورو/ م ڊ) جسٽس آف پاڪستان جي مقرري لاءِ جوڙيل خاص پارلياماني ڪميٽي جي اڪثريت جسٽس يحيٰ آفريدي کي نئون چيف جسٽس آف پاڪستان نامزد ڪري ڇڏيو. ججن جي مقرري بابت جوڙيل خاص پارلياماني ڪميٽي جسٽس يحيٰ آفريدي جو نالو چيف جسٽس آف پاڪستان طور وزيراعظم شهباز شريف ڏانهن موڪلي ڇڏيو آهي.ڪميٽي جي اجلاس کانپوءِ صحافين  سان ڳالهائيندي اعظم نذير تارڙ چيو ته ڪميٽي ٻن ٽئين اڪثريت سان جسٽس يحيٰ آفريدي جو نالو وزيراعظم ڏانهن موڪليو آهي. واضح رهي ته پاڪستان جي تاريخ ۾ پهريون ڀيرو سپريم ڪورٽ جي چيف جسٽس جي چونڊ پارلياماني ڪميٽي ڪئي آهي، ان کان اڳ الجهاد ٽرسٽ ڪيس جي فيصلي جي روشني ۾ سڀ کان سينيئر چيف جسٽس سپريم ڪورٽ جو جج ملڪ جو چيف جسٽس هوندو هو. پارلياماني ڪميٽي جو اجلاس ٿيو جنهن ۾ وزيرقانون اعظم نذير تارڙ، احسن اقبال، خواجا آصف ۽ رعنا انصاري شرڪت ڪئي. پارلياماني ڪميٽي جي اجلاس ۾ انهن کان علاوه راجا پرويز اشرف، سيد نويد قمر، فاروق ايڇ نائيڪ، سينيٽر ڪامران مرتضيٰ ۽ شائستہ پرويز ملڪ به شرڪت ڪئي. پارلياماني ڪميٽي جي 12 مان 9 ميمبرن اجلاس ۾ شرڪت ڪئي جڏهن ته پي ٽي آءِ ۽ سني اتحاد ڪائونسل جو ڪو به ميمبر ڪميٽي جي اجلاس ۾ شريڪ  نه ٿيو. پارلياماني ڪميٽي جو اجلاس شام 4 وڳي شروع ٿيو ۽ پارلياماني ڪميٽي جي ميمبرن جو تعداد نه هجڻ سبب ڪجهه دير لاءِ ملتوي ڪيو ويو، قانون وارو وفاقي وزير نذير تارڙ واپس ڪميٽي روم ۾ آيو. بعد ۾ ميمبرن جي آمد کانپوءِ رابطا ڪميٽي جو اجلاس شروع ٿيو جنهن ۾ مسلم ليگ (ن)، پ پ، جي يو آءِ ۽ ايم ڪيو ايم جي ميمبرن شرڪت ڪئي پر سني اتحاد ڪائونسل جو ڪو به ميمبر نه آيو. اجلاس ۾ سيڪريٽري قانون 3 سينيئر ججن جا نالا ۽ ڄاڻ ڪميٽي آڏو پيش ڪئي، جنهن ۾ جسٽس منصور علي شاهه، جسٽس منيب اختر ۽ جسٽس يحيٰ آفريدي جا نالا شامل آهن. ڪميٽي جي ميمبرن هڪ هڪ ڪري سينيئر ججن جي پروفائيل جو جائزو ورتو. اڪستان جي تاريخ ۾ پهريون ڀيرو ملڪ جي سڀ کان وڏي عدالت سپريم ڪورٽ جي چيف جسٽس جي چونڊ پارلياماني ڪميٽي ڪندي. ان کان اڳ سپريم ڪورٽ جي تازي تاريخ ۾ الجهاد ٽرسٽ ڪيس جي فيصلي جي روشنيءَ ۾ سڀ کان سينيئر جج ملڪ جو چيف جسٽس هوندو هو.

 

You might also like
Leave A Reply

Your email address will not be published.