ايڇ آر سي پي آئيني ترميم جي ڪجهه شقن تي خوش، ڪجهه تي سخت خدشا ظاهر

لاهور (رپورٽر) هيومن رائيٽس ڪميشن آف پاڪستان (ايڇ آر سي پي)21 آڪٽوبر تي منظور ٿيل 26هين آئيني ترميم جي ڪجهه شقن تي سخت خدشن جو اظهار ڪيو آهي، پنهنجي جاري ڪيل بيان ۾ چيو ويو آهي ته جيتوڻيڪ اهي ترميمون اڳئين مسودن ۾ تجويز ڪيل ترميمن جي ڀيٽ ۾ وچٿريون آهن، پر ايڇ آي سي پي اڃا تائين ڊنل آهي ته اهو ايڪٽ عدليه جي آزادي تي اثرانداز ٿيندو،  پهريون ته آئيني بينچن جي قيام ۽ انهن جي ٺهڻ جي طريقي تي سخت خدشا آهن، ڇاڪاڻ ته عملي طور تي اهو خدشو آهي ته انهن بينچن جي ساک سڌي سياسي دٻاءَ هيٺ اچي سگهي ٿي، ٻيو ته چيف جسٽس کي نامزد ڪرڻ لاءِ هڪ خاص پارلياماني ڪميٽي جوڙڻ سان حڪومت کي هڪ خطرناڪ فائدو به پهچي ٿو، جنهن جي نتيجي ۾ عدليه حڪومت جي اثر ۾ اچي سگهي ٿي، جيڪو آرٽيڪل 14 تحت پاڪستان جي ذميوارين جي خلاف آهي، بيان ۾ چيو ويو ته ايڇ آر سي پي کي آرٽيڪل (3) 184 جي ترميم تي ڪو به اعتراض ناهي جنهن جي تحت آئيني بينچون پاڻمرادي نوٽيس جو اختيار استعمال نه ڪري سگهنديون، ايڇ آر سي پي اهو پڻ تسليم ڪري ٿو ته آرٽيڪل 9A، جيڪو صاف، صحتمند ۽ پائيدار ماحول جي حق کي بنيادي حق طور تي تسليم ڪري ٿو، ان ترميم جي گهڻي عرصي کان ضرورت هئي، حڪومت کي فوري طور تي ان تي عمل ڪرڻ گهرجي.

 

You might also like
Leave A Reply

Your email address will not be published.