سک چين ڪهڙو ٻوٽو آهي، ڪراچي ۾ ڪو سک يا چين ناهي؟! هاءِ ڪورٽ

ڪراچي (رپورٽر) سنڌ هاءِ ڪورٽ جي جسٽس ظفر راجپوت تي ٻڌل ٻه رڪني بئنچ ۾ ريڊ لائين منصوبي جي اڏاوت دوران وڻ وڍڻ  خلاف درخواست جي ٻڌڻي ٿي، درخواستگذار جي وڪيل چيو ته ريڊ لائين منصوبي تي هن وقت تائين 30 هزار وڻ ڪٽجي چڪا آهن، عدالت پڇاڻو ڪيو ته ريڊ لائين منصوبو ڪٿان شروع ٿئي ٿو ۽ ڪٿي ختم ٿئي ٿو؟ ڪهڙا وڻ هئا جيڪي ڪٽيا ويا آهن؟  وڪيل چيو ته ماڊل ڪالوني کان ايم اي جناح روڊ تائين سمورا ديسي وڻ پروجيڪٽ ۾ آيا هئا، عدالت پڇيو ته ٽيهه هزار وڻن جو تعداد ڪيئن طئي ڪيو ويو؟ ڪير تصديق ڪندو ته انگ درست آهي يا نه؟ ٺيڪيدار جي وڪيل چيو ته نم، گل مهر ۽ سک چين جا وڻ آهن جيڪي پوکيا ويندا، عدالت چيو ته هي سک چين ڪهڙو وڻ آهي؟ ڪراچي ۾ ٿيندو آهي، جسٽس ظفر راجپوت چيو ته هي سک چين جو ڪهڙو ٻوٽو آهي، ڪراچي ۾ ڪو سک يا چين ناهي.عدالت چيو ته ڪراچي، ۾ نم، پپر ۽ ٻيا ديسي وڻ آهن، اها الڳ ڳالهه آهي ته کجين جا وڻ پوکڻ سان ڏهه هزار بدران 20 هزار جو بل ٺهندو، ڪراچي جو ماحولياتي نظام ڪيئن تباهه ڪيو ويو آهي، سيڪريٽري ٽرانسپورٽ چيو ته  ٻن هزار وڻن جي نرسري تيار ڪئي پئي وڃي، ڪوريڊور تيار ٿيڻ بعد ماحول دوست وڻ پوکيا ويندا، عدالت چيو ته  ڪراچي جي فضا مان طوطا غائب ٿي ويا آهن، جيڪڏهن توهان ماحولياتي نظام کي تباهه ڪيو، اهو ئي ٿيندو.عدالت هڪ هفتي جي مهلت ڏئي رهي آهي ته ٻڌايو وڃي ته ڪهڙا وڻ فائديمند آهن ، بعد ۾ عدالت ٻڌڻي 29 آڪٽوبر تائين ملتوي ڪندي ٻيلي کاتي جي عملدارن کي به طلب ڪري ورتو آهي .

 

You might also like
Leave A Reply

Your email address will not be published.