برٽني اسپيئرز جو ٽن شادين جي ناڪامي کانپوءِ پاڻ سان ئي پرڻو، هني مون تي رواني

لاس اينجلس (ويب ڊيسڪ) آمريڪي پاپ گلوڪارا برٽني اسپيئر ٽن شادين ۾ ناڪاميءَ کانپوءِ پاڻ سان ئي شادي ڪري ورتي.
پرڏيهي ميڊيا موجب، انسٽاگرام تي شيئر ڪيل هڪ وڊيو ذريعي برٽني اسپيئر پاڻ سان شادي جو اعلان ڪيو جڏهن ته وڊيو ۾ برٽني کي اڇي رنگ جو عروسي گائون ۽ مٿي تي عروسي رئو پهريل ڏٺو ويو.
گلوڪارا پوسٽ جي ڪيپشن ۾ لکيو ته ” اڄ اِهو ڏينهن آهي جڏهن مون پاڻ سان شادي ڪئي، جيتوڻيڪ اِهوعمل شرمناڪ يا بيوقوفاڻو محسوس ٿي سگهي ٿو پر مون کي لڳي ٿو ته هي منهنجو اڄ تائين جو سڀ کان شاندار فيصلو آهي. “
برٽني اسپيئر شادي جي علان کانپوءِ انسٽاگرام پوسٽ ذريعي هني مون لاءِ Turks and Caicos Islands روانگي جو اعلان ڪيو.
برٽني اسپيئر جون ٽي شاديون ناڪام ثابت ٿيون
واضح رهي ته برٽني اسپيئر جون ان کان اڳ ٽي شاديون ناڪام ٿي چڪيون آهن، 2004ع ۾ برٽني پنهنجي ننڍپڻ جي دوست جيسن اليگزينڊر سان شادي ڪئي هئي.
گلوڪارا جي پهرين شادي رڳو 55 ڪلاڪ ئي هلي سگهي ۽ ٻنهي ۾ عليحدگي ٿي وئي، جنهن کانپوءِ برٽني ڪيون فيڊ لائين سان شادي ڪئي جيڪا ٽن سالن تائين قائم رهي.
برٽني 2022ع ۾ پنهنجي ايراني ڄائي مڱيندي سيم اصغري سان ٽِين شادي ڪئي پر اِها شادي به رڳو 14 مهينن تائين هلي سگهي ۽ جوڙي عليحدگي ٿي وئي.

You might also like
Leave A Reply

Your email address will not be published.