ويٽنام ۾ ڏيڍ سال دوران چوٿين صدر جي چونڊ

هنوئي (ويب ڊيسڪ) ويٽنام ۾ گذريل ڏيڍ سال دوران چوٿين صدر کي چونڊيو ويو آهي.
پرڏيهي ميڊيا موجب نئون چونڊيل صدر لوونگ ڪوونگ هڪ فوجي جنرل آهي، جيڪو 18 مهينن ۾ مقرر ٿيندڙ ويٽنام جو چوٿون صدر آهي.
ميڊيا رپورٽن موجب ويٽنام ۾ ڪيترن ئي مهينن کان سياسي بحران جاري هو.
واضح رهي ته ويٽنام ۾ سڀ کان طاقتور عهدو جنرل سيڪريٽري جو هوندو آهي، صدارت رسمي هوندي آهي ۽ ان ۾ پرڏيهي معززن سان ملاقاتون شامل هونديون آهن.

You might also like
Leave A Reply

Your email address will not be published.