گهوٽڪي(رپورٽ: آزاد مهر)ايس ايس پي گهوٽڪي حفيظ الرحمن بگٽي جو چوڻ هو ته رائونتي واقعي ۾ ڏوهارين جي سهولت ڪاري جي الزام ۾ گرفتار ڪيل اڳوڻي ايس ايڇ او شڪور لاکو جي حوالي سان ڊي آءِ جي حيدر آباد طارق ڌاريجو واٽس اپ تي ڪال ڪري جوابدار شڪور لاکو کي آزاد ڪرڻ لاءِ ڌمڪيون ڏنيون، پر ان باوجود به آئون جوابدار کي آزاد ڪرڻ لاءِ جواب ڏئي ڇڏيو، سندس چوڻ هو ته مون مٿان تمام گهڻو پريشر آهي، جوابدار شڪور لاکو جو موبائيل فون مون وٽ آهي جنهن ۾ ڪيترو ئي ڏوهارين بابت سندس رابطن جو مواد مليو آهي، وڌيڪ جاچ ڪئي پئي وڃي، ايس ايس پي گهوٽڪي جو وڌيڪ چوڻ هو ته گهوٽڪي جي عوام جي ساٿ سان ڪنهن به ڏوهاري کي بخش نه ڪنداسين ۽ نه ئي ڪنهن ڀوتار وڏيري جو دٻاءُ قبول نه ڪيو ويندو، هڪ جوابدار لاءِ آفيسر ڌمڪيون ڏين ته اها افسوس جهڙي ڳالهه آهي، اڳوڻي ايم پي اي جي مٿان حملو ٿيو ۽ هڪ ڄڻو قتل ۽ ٻه ڄڻا زخمي ٿيا، پر ڏوهارين جا سپورٽر نٿا چاهن ته سمورو معاملو عوام آڏو اچي. هوڏانهن ايس ايس پي گهوٽڪي وڌيڪ چيو ته ڊي آءِ جي سکر اسان جو بالا آفيسر آهي ان کي گهرجي ها ته هو مونکي وضاحت لاءِ ڪال ڪري ها پر هن سڌو سهون آءِ سنڌ کي خط لکيو جيڪو قدم غير آئيني آهي، مان ڊي آءِ جي صاحب جي پٽ جيترو هيس جيڪڏهن مونکان ڪابه غلط ٿي هئي ته هو پاڻ مونکان وضاحت وٺي ها باقي جيڪو ليٽر آءِ جي سنڌ صاحب ڏي موڪليو ويو ان جي انڪوائري ٿيڻ گهرجي ته اهو ليٽر ميڊيا وٽ ڪيئن پهتو.