حيدرآباد(رپورٽر) جيئي سنڌ رهبر ڪميٽي جو اجلاس ڪميٽي جي سربراهه جيئي سنڌ محاذ جي چيئرمين رياض علي چانڊيو جي صدارت ۾ سخي ستار ڏنو چولياڻي هائوس تي ٿيو. جنهن ۾ جسقم چيئرمين اسلم خيرپوري، جيئي سنڌ قومي پارٽي جي چيئرمين نواز خان زنئور، جيئي سنڌ تحريڪ جي چئيرمين سورھيه سنڌي، پنھل جمالي، محمد علي خشڪ، ڊاڪٽر خوشحال ڪالاڻي، مصطفيٰ عمراڻي، نعمان راڄپر ۽ ٻين شرڪت ڪئي. اجلاس ۾ سنڌ جي موجوده سياسي صورتحال جو جائزو ورتو ويو. ان موقعي تي اڳواڻن ڳالهائيندي چيو ته پنجاب قبضي جي بنياد تي سنڌ جي معدني وسيلن، زمينن ۽ سنڌو درياهه تي قبضو ڪري رهيو آهي. سنڌو درياهه سنڌي قوم جو جياپو آهي، درياهه جي تباهي سنڌي قوم جي تباهي هوندي، قابض قوتون درياهه مان ڪئنال ڪڍي ڊيم ٺاهي سنڌ کي تباھه ڪرڻ گهرن ٿيون. جنهن جي خلاف گڏيل جدوجهد جاري رکنداسين. اجلاس ۾ سنڌ جي ورهاڱي واري ڳالھه جي سخت مذمت ڪندي چتاءُ ڏنو ويو ته 6 ڪروڙ سنڌي قوم جي تاريخي وطن خلاف ڪابه سازش ڪامياب ٿيڻ نه ڏينداسين. اجلاس ۾ 26 آڪٽوبر تي مٽياري ۾ جيئي سنڌ محاذ جي اعلانيل احتجاج، 27 آڪٽوبر تي جسقم طرفان عمرڪوٽ ۾ احتجاج ۽ جيئي سنڌ تحريڪ جي اعلانيل احتجاج سميت 10 نومبر تي جسقم آريسر جي اعلانيل احتجاج جي حمايت ڪئي وئي. اجلاس ۾ متفقه طور تي جسقم چئيرمين اسلم خيرپوري کي رھبر ڪميٽي جو 6 مھينن لاءِ نئون سربراهه مقرر ڪيو ويو. اجلاس ۾ فيصلو ڪيو ويو ته 24 نومبر تي جيئي سنڌ رھبر ڪميٽي طرفان سنڌو درياهه جي پاڻي تي ڌاڙي، گرين پاڪستان جي نالي ۾ سنڌ جي زمينن تي قبضي ۽ انتهاپسندي خلاف ٽنڊو محمدخان ۾ احتجاجي ريلي ڪڍي ويندي.