اسلام آباد ( بيورو+م ڊ ) سپريم ڪورٽ ويب ماسٽر عاصم جاويد کان به وضاحت طلب ڪري ورتي، چيف جسٽس مخصوص سيٽن واري ڪيس ۾ 8 ججن جي ٻئي وضاحت تي ڪاوڙ جو اظهار ڪيو.چيف جسٽس آف پاڪستان جسٽس قاضي فائز عيسيٰ سپريم ڪورٽ جي مخصوص سيٽن واري ڪيس ۾ 8 ججن جي ٻئي بيان تي سپريم ڪورٽ جي عملي کان جواب طلب ڪري ورتو آهي.چيف جسٽس آف پاڪستان جسٽس قاضي فائز عيسيٰ ڊپٽي رجسٽرار مجاهد محمود، اسسٽنٽ رجسٽرار شاهد حبيب ۽ ويب ماسٽر عاصم جاويد کان وضاحت طلب ڪندي پڇاڻو ڪيو ته اصل فائل جمع ڪرائڻ کانسواءِ وضاحت ڪيئن جاري ڪئي وئي.سپريم ڪورٽ جي ذريعن موجب ڊپٽي رجسٽرار ۽ اسسٽنٽ رجسٽرار کي نوٽيس جاري ڪيا ويا آهن ته هو عملدرآمد بابت وضاحت ڪن. جنهن ۾ هن سوال ڪيو آهي ته اصل فائل جمع ڪرائڻ کانسواءِ سپريم ڪورٽ جي ويب سائيٽ تي وضاحت ڪيئن جاري ڪئي وئي؟ذريعن موجب ان حوالي سان ويب ماسٽر عاصم جاويد کان به وضاحت طلب ڪئي وئي آهي. واضح رهي ته ٻه ڏينهن اڳ سپريم ڪورٽ جي 8 ججن مخصوص سيٽن جي فيصلي بابت ٻي وضاحت جاري ڪندي اليڪشن ڪميشن کي پابند ڪيو هو ته اليڪشن ايڪٽ ۾ ترميم باوجود عدالتي فيصلي تي عمل ڪرڻ جو پابند آهي.