اسلام آباد(بيورو/ م ڊ) وفاقي ڪابينا 26 هين آئيني ترميم جي مسودي جي منظوري ڏئي ڇڏي، اتفاق راءِ لاءِ جي يو آءِ سربراهه مولانا فضل الرحمان جو گهر سياسي ملاقاتن جو مرڪز رهيو، حڪمران پارٽي مسلم ليگ ن، پ پ ۽ پي ٽي آءِ جي وفدن بار بار مولانا فضل الرحمان جي گهر پهچي معاملو نبرڻ جي ڪوشش ڪئي، بلاول ڀٽو زرداري جي اڳواڻي ۾ پ پ وفد 24 ڪلاڪن دوران مولانا فضل الرحمان سان چار ملاقاتون ڪيون، جيڪي ڪلاڪن تائين جاري رهيون، ان کان اڳ بلاول ڀٽو وزيراعظم شهباز شريف سان ملاقات ڪري مشاورت ڪئي، حڪومتي وفد به مولانا فضل الرحمان جي گهر پهچي ملاقاتون ڪيون، وفد ۾ نائب وزيراعظم اسحاق ڊار، قانون وارو وزير اعظم نذير تارڙ، گهرو وزير محسن نقوي شامل هئا، ٻي پاسي بئريسٽر گوهر جي اڳوڻي ۾ پي ٽي آءِ وفد به مولانا فضل الرحمان سان ٻه ڀيرا ملاقاتون ڪيون، رات دير سان ٿيل ملاقاتن ۾ پ پ ۽ حڪومتي وفد چئن ڪلاڪن تائين مولانا جي گهر موجود رهيا، پي ٽي آءِ وفد به ڪجهه دير موجود رهيو، ذريعن موجب ملاقات دوران آئيني ترميمن جو حتمي مسودو مولانا فضل الرحمان حوالي ڪيو ويو، جنهن تي صلاح مشورا ڪيا ويا، ذريعن موجب ملاقات دوران پي ٽي آءِ وفد عمران خان جي چوڻ تي وڌيڪ مشاورت لاءِ سومر تائين مهلت گهري، جنهن تي مولانا فضل الرحمان به بلاول کان سڀاڻي تائين جو وقت طلب ڪيو، مولانا فضل الرحمان بلاول کي مخاطب ٿيندي چيو ته مان اڄ ترميم جي حق ۾ ووٽ نه ٿو ڏئي سگهان، پي ٽي آءِ مون کان سڀاڻي تائين وقت گهريو آهي، سڀاڻي تائين وقت ڏيو، سڀاڻي جواب پي ٽي آءِ طرفان ايندو، ملاقات دوران وزيراعظم شهباز شريف حڪومتي ٽيم سان رابطو ڪري اڳڀرائي بابت تفصيل ورتا، ملاقات دوران بي اين پي مينگل جو سربراهه اختر مينگل به مولانا فضل الرحمان جي گهر پهچي ملاقات ڪئي، ان کان اڳ اختر مينگل پي ٽي آءِ اڳواڻن ۽ محمود اچڪزئي سان به ملاقات ڪئي، ان دوران پي ٽي آءِ اڳواڻن اختر مينگل ۽ محمود اچڪزئي کي خاطري ڪرائي ته ترميمن جي مزاحمت ڪئي ويندي، ڊگهي مشاورت بعد حڪومتي وفد واپس پارليامينٽ هائوس وڃي وفاقي ڪابينا جي اجلاس ۾ شرڪت ڪئي، ڪابينا جو اجلاس رات ساڍين 12 وڳي وزيراعظم شهباز شريف جي صدارت هيٺ ٿيو، جنهن ۾ 26 هين آئيني ترميم جي مسودي جي منظوري ڏني وئي، ٻي پاسي ڊگهي ملاقات بعد مولانا فضل الرحمان ۽ بلاول ڀٽو زرداري مولانا جي گهر ٻاهران گڏيل پريس ڪانفرنس ڪئي، مولانا فضل الرحمان چيو ته حڪومت اسان جي اعتراضن کي مان ڏنو ، هاڻي اسان جو ڪوبه اعتراض ناهي، پي ٽي آءِ وارن کي حڪومتي روين کان شڪايت رهي، ترميمن لاءِ هن هڪ ڏينهن جو وقت گهريو، اسين سندن انتظار ڪري رهيا آهيون، پي ٽي آءِ باني جو جواب اڄ تائين ملي ويندو، بلاول ڀٽو چيو ته آئون مولانا فضل الرحمان جو شڪر گذار آهيان، سمورين پارٽين توثيق ڏئي ڇڏي آهي، مون کي اميد آهي ته مولانا فضل الرحمان پي ٽي آءِ کي قائل ڪري وٺندو، هوڏانهن آئيني ترميم تي اتفاق راءِ نه ٿيڻ سبب سينيٽ اجلاس جو وقت هڪ ئي ڏينهن ۾ چار ڀيرا تبديل ڪيو ويو، جڏهن ته قومي اسيمبلي اجلاس جو وقت به بار بار تبديل ڪرڻ بعد رات دير سان اڄ ساڍين 11 وڳي تائين ملتوي ڪيو ويو،ڪجهه دير بعد وري وقت تبديل ڪري ٻنپهرن جو 3 وڳي طلب ڪيو ويو، ٻي پاسي رات 11 وڳي سينيٽ جو اجلاس مقرر وقت کان ٽي ڪلاڪ دير سان شروع ٿيو، اجلاس جي صدارت ڊپٽي چيئرمين ڪئي، ان دوران سينيٽر عرفان صديقي سوالن جواب جو وقفو ملتوي ڪرڻ جي رٿ پيش ڪئي وئي، جيڪا منظور ڪئي وئي، اجلاس دوران مختلف بل منظور ڪيا ويا.