قانون واري وزير ترميمن جي مسودي جا اهم نڪتا ٻڌائي ڇڏيا

اسلام آباد (ويب ڊيسڪ) قانون واري وفاقي وزير اعظم نذير تارڙ چيو آهي ته 26هين آئيني ترميم اڄ پيش ٿي رهي آهي ۽ چيف جسٽس جي مقرري ان پيڪيج جو حصو آهي.
اسلام آباد ۾ صحافين سان ڳالهائيندي اعظم نذير تارڙ چيو ته بلاول ڀٽو آئيني ترميم جي منظوري لاءِ وڏي محنت ڪئي، اتحادي جماعتن سان مشاورت کانپوءِ ترميمن تي اتفاق ٿيو ۽ 26هين آئيني ترميم اڄ پارليامينٽ ۾ پيش ڪئي ويندي.
هن چيو ته آئيني پيڪيج تڪڙي انصاف جي فراهمي بابت اهم قدم آهي، چيف جسٽس جي مقرري ان پيڪيج جو حصو آهي ۽ چيف جسٽس جو مدو 3 سال مقرر ڪيو ويو آهي.
سندس چوڻ هو ته ترميم ۾ صوبن ۾ آئيني بئنچز جو مڪينزم شامل ڪيو ويو آهي، جڊيشل ڪميشن جي حوالي سان ان ۾ شقون شامل آهن، غير مسلم ميمبر کي به جڊيشل ڪميشن جو حصو بڻايو ويندو، جڏهن ته صوبائي جڊيشل ڪميشن جي شڪل اها ئي رهندي پر جيڪا نئين شئي شامل ڪئي وئي، اهي پرفارمنس ايويليوايشن آهي.
وفاقي وزير چيو ته جي يو آءِ آئيني ترميمن ۾ 5 تجويزون ڏنيون آهن، جي يو آءِ جي وياج بابت تجويز کي آئيني ترميم ۾ شامل ڪيو ويو، سپريم ڪورٽ به وياج جي خاتمي بابت آبزرويشن ڏني هئي، پهرين جنوري 2028 کان وياج جي نظام جو خاتمو ٿي ويندو.

You might also like
Leave A Reply

Your email address will not be published.