اسلام آباد (ويب ڊيسڪ) وفاقي ڪابينا 26هين آئيني ترميم جي مسودي جي منظوري ڏئي ڇڏي.
وزيراعظم شهباز شريف جي صدارت هيٺ وفاقي ڪابينا جو اجلاس پارليامينٽ هائوس ۾ وزيراعظم جي چيمبر ۾ ٿيو، جنهن ۾ 26هين آئيني ترميم جي مسودي ۽ ملڪي سياسي صورتحال جو جائزو ورتو ويو.
وفاقي ڪابينا جي اجلاس ۾ 26هين آئيني ترميم جي مسودي جي منظوري ڏني وئي.
ڪابينا اجلاس ۾ ڳالهائيندي وزيراعظم شهباز شريف چيو ته پاڪستان جي ترقي، خوشحالي ۽ ملڪي حالتن جي بهتري لاءِ ڪابينا بهترين فيصلو ڪيو، سڄي قوم کي ترميم جي منظوري جي مبارڪ هجي، ملڪ جي مفاد ۾ اهو فيصلو ڪيو ويو، ترقي، خوشحالي ۽ استحڪام لاءِ محنت جاري رکنداسين.
آئيني ترميم جو مسودو هاڻ قومي اسيمبلي ۽ سينيٽ ۾ منظوري لاءِ پيش ڪيو ويندو.
You might also like