اسلام آباد (ويب ڊيسڪ) پي ٽي آءِ چيئرمين بئريسٽر گوهر 26هين آئيني ترميم لاءِ ووٽ نه ڏيڻ جو اعلان ڪري ڇڏيو.
مولانا فضل الرحمان سان گڏ اسلام آباد ۾ صحافين سان ڳالهائيندي بئريسٽر گوهر چيو ته اسان مولانا جا ٿورائتا آهيون، اسان اڄ به حڪومتي مسودي تي غور ڪيو آهي، اسان هر فيصلو پي ٽي آءِ باني جي مشوري سان ڪندا آهيون، 26هين ترميم تي مولانا جي ڪردار جو قدر ڪيون ٿا.
هن اعلان ڪيو ته تحريڪ انصاف 26هين ترميم ۾ ووٽ نه ڏيندي، مولانا بلڪل آزاد آهي ۽ سندس طرفان بل جي حمايت کي اسان ساراهينداسين، جي يو آءِ سربراهه سان مستقبل ۾ به اهڙو ئي تعلق رهندو.
You might also like