ڪراچي (ويب ڊيسڪ) فخر زمان جي آسٽريليا جي دوري لاءِ چنڊ مشڪل نظر اچي رهي آهي، گوڏي جي انجري سبب هو فٽنس ٽيسٽ ۾ ناڪام ٿي چڪو آهي.
فخر زمان جو ڳاڻيٽو پاڪستان جي بهترين جارح مزاج بيٽرز ۾ ٿيندو آهي، هو هڪ ڏينهن واري ڪرڪيٽ ۾ پاڪستان لاءِ ڊبل سينچري اسڪور ڪندڙ اڪيلو بيٽر آهي.
ذريعن جو چوڻ آهي ته آسٽريليا لاءِ اسڪواڊ ۾ فخر جي چونڊ مشڪل هوندي، هو فٽنس ٽيسٽ ۾ ناڪام ٿي چڪو آهي.
فخر زمان کي ويسٽ انڊيز جي ڊگهي سفر تان واپسي بعد اٺ منٽن ۾ ٻه ڪلوميٽر ڊوڙ جو ٽاسڪ ڏنو ويو هو جنهن کي هو پورو نه ڪري سگهيو.
قومي ڪرڪيٽر جي ويجهن ذريعن موجب، فخر کي گوڏي جي انجري جو مسئلو آهي، هو ميچ کيڏڻ لاءِ فٽ ۽ علائقائي ڪرڪيٽ ۾ حصو پڻ وٺي رهيو آهي.
ذريعن موجب، بيٽر گوڏي جي انجري هئڻ باوجود وڌيڪ لوڊ وجهڻ سبب سنگين انجري جو شڪار ٿي سگهي ٿو.
ذريعن جو چوڻ آهي ته عاقب جاويد سليڪشن ۾ فٽنس جو ڪردار گهٽائي ڇڏيو آهي پر ڪنيڪش ڪئمپ ۾ اين او سي معاملي فخر زمان جيڪو موقف اختيار ڪيو ان تي بورڊ جا ڪجهه وڏڙا ناخوش آهن.
ان کانسواءِ انگلينڊ خلاف ٽيسٽ سيريز جي باقي ٻن ميچن مان ڊراپ ڪيل بابر اعظم جي حق ۾ ڪيل ٽوئيٽ پڻ سندس لاءِ مسئلا کڙا ڪري ڇڏيا آهن.
بابر اعظم جي حق ۾ ٽوئيٽ ڪرڻ کانپوءِ فخر زمان کي آسٽريليا جي دوري لاءِ قومي اسڪواڊ مان ڊراپ ڪرڻ جون خبرون گردش ڪري رهيون آهن.
بابر اعظم جي حق ۾ ٽوئيٽ ڪرڻ ۽ پي سي بي کي تنقيد جو نشانو بڻائڻ تي بورڊ قومي ڪرڪيٽر کي شوڪاز نوٽيس جاري ڪندي سومر تائين جواب ڏيڻ جو چيو هو.