لاهور (ويب ڊيسڪ ) پاڪستان ڪرڪيٽ بورڊ جي سليڪشن ڪميٽيءَ جي ميمبر اڳوڻي فاسٽ بالر ۽ لاهور قلندرز جي هيڊ ڪوچ عاقب جاويد جو فرنچائز سان سفر تمام ٿي ويو .
لاهور قلندرز انتظاميا موجب، عاقب جاويد جو اِهو سفر پاڪستان ڪرڪيٽ ۾ ذميواري سنڀالڻ کانپوءِ ختم ٿي ويو آهي.
عاقب جاويد اٺ ورهين تائين قلندرز جي ڊائريڪٽر آف ڪرڪيٽ آپريشنز ۽ هيڊ ڪوچ طور خدمتون سرانجام ڏنيون.
عاقب جاويد جي ڪوچنگ ۾ ٽيم 2020ع ۽ 2023ع تائين پاڪستان سپر ليگ جا ٽئي فائنل کيڏي، جنهن ۾ ٻن ۾ چيمپيئن بڻي.