اسلام آباد ( ويب ڊيسڪ ) بچاءَ واري وزير خواجا آصف چيو آهي ته آئيني ترميمن تي اتفاق جي ڪوشش ڪئي پئي وڃي، آئيني ترميمن جي منظوري ۾ ڏکيائيون پيش اينديون آهن.
پارليامينٽ ۾ ميڊيا سان ڳالهائيندي خواجا آصف چيو ته ڪوشش آهي ته آئيني ترميم تي اتفاق راءِ پيدا ٿي وڃي.
سندس چوڻ هو ته حڪومت وٽ ميمبرن جا نمبر پورا آهن، سمورين سياسي پارٽين سان صلاح مشوري جو عمل جاري آهي.
بچاءَ واري وزير خواجا آصف چيو ته ڪابينا اجلاس جو وقت تبديل ڪرڻ جو سبب صلاح مشوري جو عمل مڪمل ڪرڻ آهي، آئيني ترميمن جي منظوري ۾ ڏکيائيون پيش اينديون آهن، آئيني ترميمن تي اتفاق ٿي وڃي ته بهتر آهي.
You might also like