راولپنڊي (ويب ڊيسڪ ) اڊيالا جيل ۾ قيدين سان ملاقاتن تي پابندي ۾ واڌ ڪئي وئي آهي.
ذريعن موجب، اڊيالا جيل ۾ قيدين سان ملاقاتن تي پابندي ۾ ٻه ڏينهن واڌ ڪئي وئي آهي.
ذريعن جو چوڻ آهي ته اڊيالا جيل ۾ ملاقات تي پابندي جو فيصلو سيڪيورٽي خدشن سبب ڪيو ويو.
ذريعن موجب، جيل ۾ قيدين جي ملاقاتن تي پابندي وارو فيصلو سياسي قيدين سميت عام قيدين پڻ لاڳو هوندو.
واضح رهي ته پنجاب حڪومت طرفان 18 آڪٽوبر تائين اڊيالا جيل ۾ ملاقات تي پابندي مڙهي وئي هئي.
ٻئي پاسي پاڪستان تحريڪِ انصاف جي چيئرمين بئريسٽر گوهر سميت پنج پي ٽي آءِ اڳواڻن کي عمران خان سان اڊيالا جيل ۾ ملاقات جي اجازت ڏني وئي آهي.
You might also like