لاهور: سموگ جي خاتمي لاءِ هٿرادو مِينهن وسائڻ جون تياريون

لاهور ( ويب ڊيسڪ ) لاهور ۾ وڌندڙ فضائي گدلاڻ سبب مصنوعي برسات جو فيصلو ڪيو ويو آهي.
ذريعن موجب، پنجاب جي راڄڌاني لاهور ۾ ڪوهيڙي جي روڪٿام لاءِ منصوعي مينهن وسائڻ جون تياريون شروع ڪيون ويون آهن.
ذريعن جو چوڻ آهي ته گدلاڻ وڌڻ سبب ٻارن کي اسڪولن ۾ موڪلون ڏيڻ جي تجويز پڻ ڏني وئي آهي.
ناڻي واري وزارت جي ذريعن موجب، لاهور ۾ منصوعي برسات تي پنجٽيهه ڪروڙ رپيا خرچ ايندو، هٿرادو برسات لاءِ موسميات ۽ ماحوليات کاتو سرگرم آهن.

You might also like
Leave A Reply

Your email address will not be published.