ڍاڪا (ويب ڊيسڪ) پاڪستان جي اڳوڻي ليگ اسپنر مشتاق احمد هڪ ڀيرو ٻيهر بنگلاديش ڪرڪيٽ ٽيم کي جوائن ڪري ورتو آهي.
ذريعن موجب، مشتاق احمد ڍاڪا ۾ بنگلاديش ٽيم کي جوائن ڪيو آهي جتي هو ڏکڻ آفريڪا خلاف ٽيسٽ سيريز ۾ بنگلاديش جي اسپن بالنگ ڪوچ جون ذميواريون انجام ڏينديون.
ان ڏس ۾ بنگلاديش ڪرڪيٽ بورڊ آپريشنز مئنيجر جو چوڻ آهي ته مشتاق احمد جڏهن به دستياب هوندو سيريز باءِ سيريز ساڻن ڪم ڪندو .
هلندڙ سال آگسٽ دوران بنگلاديشي ٽيم جي پاڪستان جي دوري دوران به مشتاق احمد اسپن بالنگ ڪوچ جون ذميواريون نڀايون هيون.
واضح رهي ته ڏکڻ آفريڪا ۽ بنگلاديش وچ ۾ ٻن ٽيسٽ ميچن تي ٻڌل سيريز جي پهرين ميچ 21 آڪٽوبر کان ميرپور ۾ شروع ٿيندي.
You might also like