راولپنڊي ( ويب ڊيسڪ ) سيڪيورٽي فورسز جي ٻن مختلف ڪارروائين ۾ ٻه دهشتگردي مارجي ويا ۽ پنجن ڄڻن کي گرفتار ڪري وڏي مقدار ۾ بارودي مواد ۽ هٿيار هٿ ڪيا ويا.
پاڪ فوج جي ترجمان اداري آءِ ايس پي آر موجب، سيڪيورٽي فورسز پشين ۾ دهشتگردن جي موجودگيءَ جي اطلاع تي آپريشن ڪيو.
آءِ ايس پي آر جو چوڻ آهي ته آپريشن دوران پنج دهشتگردن کي گرفتار ڪيو ويو جي جي قبضي ۾ وڏي مقدار ۾ بارودي مواد ۽ هٿيار هٿ ڪيا ويا آهن.
آءِ ايس پي آر موجب، گرفتار دهشتگرد ڪيئي حملن ۾ ملوث هئا، هو سيڪيورٽي فورسز ۽ معصوم شهرين کي نشانو بڻائڻ جي رٿابندي ڪري رهيا هئا.
آءِ ايس پي آر جو چوڻ آهي ته 17 آڪٽوبر تي زوب ۾ سيڪيورٽي فورسز هڪ ٻي ڪارروائي ڪئي جنهن دوران ٻه دهشتگرد مارجي ويا، ڪليئرنس دوران هٿيار ۽ بارودي مواد هٿ ڪيو ويو.
آءِ ايس پي آر موجب، سيڪيورٽي فورسز ملڪ مان دهشتگردي جي خاتمي لاءِ پرعزم آهي، سيڪيورٽي فورسز شهرين کي دهشتگردي جي لعنت کان بچائڻ لاءِ پنهنجي عزم تي ثابت قدم آهن.
You might also like