چيمپيئنز ٽرافي: ڀارتي ٽيم لاءِ هڪ ٻيو آپشن سامهون اچي ويو

آءِ سي سي چيمپيئنز ٽرافي 2025ع بابت ڀارتي ٽيم لاءِ هڪ ٻيو آپشن سامهون آيو آهي.
پاڪستان ايندڙ آءِ سي سي سال چيمپيئنز ٽرافي جي ميزباني ڪندو ۽ هميشه جيان ڀارت هن واري به پاڪستان نه اچڻ لاءِ سيڪيورٽي تي خدشن سميت مختلف بهانا ڳولي رهيو آهي.
پرڏيهي ميڊيا رپورٽس موجب، پاڪستان ڪرڪيٽ بورڊ ان ڏس ۾ ڀارتي ڪرڪيٽ بورڊ ( بي سي سي آءِ ) کي ميگا ايونٽ ۾ پاڪستان ۾ ميچ کيڏي وطن واپس وڃڻ جي آڇ پڻ ڪئي آهي.
رپورٽس موجب، پاڪستان طرفان بي سي سي آءِ کي پيش ڪيل تجويز ۾ ڄاڻايو ويو آهي ته ڀارت ٽورنامينٽ ۾ پنهنجي ميچ کيڏڻ کانپوءِ چندي ڳڙهه يا نئين دهلي ءَ جو سفر ڪري سگهي ٿو.
پيش ڪيل تجويز موجب، پاڪستان ۾ ميچ کيڏڻ کانپوءِ ڀارتي ٽيم جيڪڏهن چاهي ته مٿي ڄاڻايل شهرن مان ڪنهن هڪ ۾ ترسي سگهي ٿي، رهائش لاءِ دهلي يا چندي ڳڙهه جو آپشن سيڪيورٽي خدشن سبب ڏنو ويو آهي.
پي سي بي ڀارتي ٽيم جي چيمپيئنز ٽرافي ۾ شرڪت کي ممڪن بڻائڻ لاءِ آپشن کليل رکيا آهن، ميچ کانپوءِ ” ٽريول بيڪ “ ڪيئي آپشنز مان هڪ آپشن آهي جنهن ۾ ڀارت ميچ جي صبح اچي ۽ ميچ کيڏي واپس هليو وڃي جو آپشن پڻ شامل آهي.
ان کانسواءِ پاڪ-ڀارت بورڊز وچ ۾ ٿيل رابطن دوران مختلف آپشنز تي مشاورت ٿي آهي.
رپورٽس موجب، ان کان اڳ ڀارت جون ميچون هڪ بدران ٻن وينيوز تي رکڻ جي تجويز سامهون آئي هئي، جڏهن ته پي سي بي لاهور کانسواءِ راولپنڊي ۾ ڀارت جون ميچون رکڻ تي راضپو ظاهر ڪيو آهي.
غير حتمي شيڊيول موجب، ڀارتي ٽيم جون چيمپيئنز ٽرافي ۾ ٽي گروپ ميچون لاهور جي قذافي اسٽيڊيم ۾ شيڊيول آهن.
بي سي سي آءِ ٽيم پاڪستان موڪلڻ يا نه موڪلڻ جو فيصلو ڀارتي حڪومت سان مشروط ڪري چڪو آهي پر ڀارتي حڪومت يا ڀارتي ڪرڪيٽ بورڊ اڃا تائين ميگا ايونٽ لاءِ ٽيم پاڪستان موڪلڻ جو اعلان ناهي ڪيو.

You might also like
Leave A Reply

Your email address will not be published.