حيدرآباد ( رپورٽر )جيئي سنڌ قومي پارٽي پاران سڀاڻي 20 آڪٽوبر تي ڪالاباغ ڊيم سميت ٻين ڊيمن، نون ڇهن ڪئنالن ۽ ارسا ايڪٽ ۾ ترميم خلاف حيدرآباد پريس ڪلب ۾ پاڻي ڪانفرنس ڪوٺائي پئي وڃي. جنهن ۾ شرڪت لاءِ ترقي پسند پارٽي جي چيئرمين ڊاڪٽر قادر مگسي، جيئي سنڌ محاذ جي چيئرمين رياض چانڊيو، سنڌ يونائٽيڊ پارٽي جي صدر سيد زين شاه، جسقم چيئرمين صنعان خان قريشي، جسقم چيئرمين اسلم خيرپوري، جست اڳواڻ سورهيه سنڌي، عوامي تحريڪ جي نور احمد ڪاتيار، عوامي ورڪرز پارٽي جي اڳواڻ بخشل ٿلهو، عوامي پورهيت تحريڪ جي اڳواڻ جي اين کوسو، پورهيت مزاحمت جي مسرور شاھ، هاري ڪميٽي جي ثمر حيدر جتوئي، اي جي پي جي نورنبي راهوجو، سنڌي ادبي سنگت جي سيڪريٽري نور چاڪراڻي، پنهل ساريو، پروفيسر مشتاق ميراڻي، ذوالفقار هاليپوٽو، ڊاڪٽر بدر چنا، اسماعيل وساڻ، قمر الزمان راڄپر ۽ ٻين کي دعوت ڏني وئي آهي. دعوتون ڏيڻ جو سلسلو جاري آهي. هوڏانهن جيئي سنڌ قومي پارٽي جي چيئرمين نواز خان زئور چيو ته سنڌ جي درياھ ۽ پاڻي تي ڌاڙو هڻڻ لاءِ تمام وڏيون سازشون ٿي رهيون آهن، جن کي منهن ڏيڻ لاءِ قومي ايڪي جي ضرورت آهي. سنڌي قوم پنھنجي وطن ۽ دريا تان دستبردار نه ٿيندي.