ڪراچي ۾ ايف آءِ اي جي ڪارروائي،پرڏيهي ڪرنسي وڪرو ڪندڙ 2 جوابدار گرفتار

ڪراچي ( بيورو رپورٽ) ايف آءِ اي ڪارپوريٽ ڪرائم سرڪل ڪراچي جي علائقي آءِ آءِ چندريگر روڊ ۽ خيابان سحر ۾ ڪارروايون ڪندي 2 جوابدارن کي گرفتار ڪري ورتو. اختيارين موجب جوابدار آفتاب خواجا ٽريول ايجنسي جي آڙ ۾ يو اي اي درهم جي غير قانوني وڪري ۾ ملوث آهي. اختيارين جو چوڻ آهي ته جوابدار جي موبائيل فون مان هنڊي ۽ غير قانوني ڪرنسي وڪرو ڪرڻ جا ثبوت هٿ ڪيا ويا، جوابدار وٽان ملڪي ۽  پرڏيهي ڪرنسي به هٿ ڪئي وئي. اختيارين موجب جوابدارن وٽان هڪ ڪروڙ 6 لک پاڪستاني رپيا، 13 هزار 600 آمريڪي ڊالر، 23 هزار 980 يو اي اي درهم، 420 برطانوي پائونڊ، 480 يورو به هٿ ڪيا ويا. اختيارين جو وڌيڪ چوڻ هو ته جوابدار وٽان 300 ترڪي ليرا، 300 ٿائي پاٿ به هٿ ڪيا ويا، جوابدار ايف آءِ اي اختيارين کي هٿ آيل ڪرنسي جي ثبوتن ۽ وڏي مقدار ۾ ملڪي ۽ پرڏيهي ڪرنسي جي موجودگي بابت مطمئن نه ڪري سگهيا. ايف آءِ اي ڪارپوريٽ ڪرائم سرڪل خلاف فارن ايڪسچينج ريگيوليٽري ايڪٽ 2020 جي شقن تحت ڪيس داخل ڪيو ويو آهي.

 

You might also like
Leave A Reply

Your email address will not be published.