واشنگٽن ( پ ر)سانا سنڌو درياءَ مٿان ھڪ نئين ڌاڙي جي رٿابنديء جي سخت مخالفت ڪندي وفاقي سرڪار کي خبردار ڪيو آھي تھ سنڌ جو عوام ۽ پرڏيھه ۾ رھندڙ سنڌي سنڌو درياء مان وڌيڪ ڪينال ڪڍڻ جي ھرگز اجازت نھ ڏيندا. پريس بيان ۾ چيو ويو آھي تھ پاڻي جي ورھاست جي مسئلي تي وفاقي ڪابينا ڌر نه ٿي بڻجي سگھي ڇاڪاڻ ته اھو صوبن وچ ۾ مسئلو آھي، پنجاب وفاقي حڪومت کي استعمال ڪري آئيني ادارن جي ڀڃڪڙي ڪري رھيو آھي ۽ ڪئنال جي تعمير جو فيصلو سينٽرل ڊوولپمنٽ ورڪنگ پارٽي نه ٿي ڪري سگھي.سانا جي صدر ڊاڪٽر مقبول ھاليپوٽي ۽ جنرل سيڪريٽري مشتاق راڄپر چيو ته سنڌ حڪومت سنڌ جي پاڻي مٿان لڳندڙ ڌاڙي جي صرف بيانن جي حد تائين مخالفت نه ڪري، سينيٽ توڙي قومي اسيمبلي جا ميمبر ان غير آئيني ۽ سنڌ دشمن رٿا خلاف ايوان ۾ آواز اٿارين. ھنن چيو ته پيپلز پارٽي وفاقي حڪومت کان ڌار ٿيڻ جو اعلان ڪري، ڇاڪاڻ ته سنڌو درياھ مان وڌيڪ واھ ڪڍڻ جيترو پاڻي بچيو ئي ناھي، سانا ايس يو پي جي سنڌو درياھ بچايو مارچ کي مهلائتي اڳڀرائي قرار ڏيندي هر سياسي ۽ سماجي ڌر کي شريڪ ٿيڻ اپيل ڪئي آھي،هنن چيو ته ارسا ايڪٽ ۾ ترميم، چولستان ڪينال، چوبارا ڪينال ۽ ڪارپوريٽ ايگريڪلچر جي آڙ ۾ سنڌ جون زمينون ڦٻائڻ خلاف ايس يو پي سميت هر سياسي ڌر کي هلچل جو حصو ٿيڻ گهرجي،سانا اڳواڻن چيو ته احسن اقبال صرف پنجاب جي مفادن جي مالڪي ڪري درحقيقت ھو وفاق جا بنياد ڪمزور ڪري رھيو آھي.