” سلمان جو حشر بابا صديقي کان بُرو ٿيندو“ بشنوئي گينگ جي اداڪار کي ڌمڪي

ممبئي (ويب ڊيسڪ ) ڀارتي گينگسٽر لارنس بشنوئي پراڻي دشمني ختم ڪرڻ لاءِ بالي ووڊ سپر اسٽار سلمان خان کان ڳري رقم جو مطالبو ڪري ڇڏيو.
پرڏيهي ميڊيا رپورٽس موجب، بشنوئي دشمني ختم ڪرڻ لاءِ سلمان خان کان پنج ڪروڙ رپين جو مطالبو ڪيو آهي.
ڀارتي سياسي اڳواڻ بابا صديقيءَ جي قتل جي کانپوءِ سلمان خان جي سيڪيورٽي سخت ڪئي وئي.
ميڊيا رپورٽس موجب، مبينا طور تي لارنس بشنوئي گينگ جي هڪ رڪن طرفان ممبئي ٽريفڪ پوليس کي واٽس ايپ ذريعي پيغام مليو آهي جنهن ۾ اداڪارا کي موتمار ڌمڪي ڏني وئي آهي.
واٽس ايپ پيغام ۾ چيو ويو آهي ته جيڪڏهن سلمان خان زنده رهڻ ۽ پراڻي دشمني ختم ڪرڻ چاهي ٿو ته پنج ڪروڙ رپيا ادا ڪري.
پيغام ۾ وڌيڪ چيو ويو آهي ته ان ڌمڪي کي نظرانداز نه ڪيو وڃي ٻي صورت ۾ اداڪار جو حشر مهارشٽرا جي اڳوڻي وزير بابا صديقي کان نه بدتر ٿيندو جنهن کي تازو ئي بشنوئي گينگ گولي هڻي قتل ڪري ڇڏيو هو.
ممبئي پوليس ان معاملي جي جاچ شروع ڪري ڇڏي آهي ۽ سلمان خان جي رهائش گاهه جي ڀرپاسي سيڪيورٽي وڌائي وئي آهي.
واضه رهي ته اِهو پهريون ڀيرو ناهي جڏهن ته سلمان خان کي بشنوئي گينگ طرفان موتمار ڌمڪي ڏني وئي آهي.
2022ع ۾ اداڪار کي ڌمڪي جوڳو خط سندس رهائش گاهه ويجهو هڪ بئنچ تان مليو هو ۽ مارچ 2023ع ۾ مبينا طور گينگ جي ميمبرن طرفان هڪ اي ميل موڪلي وئي هئي.
هلندڙ سال جنوري ۾ ٻن اڻڄاتل جوابدارن جعلي سڃاڻپ جي بنياد تي سلمان خان جي پنويل فارم هائوس ۾ گهڙڻ جي ڪوشش ڪئي، جنهن کانپوءِ اداڪار جي سيڪيورٽي وڌيڪ سخت ڪئي وئي هئي.
سلمان خان سان لارنس بشنوئي جو تڪرار ڪڏهن شروع ٿيو؟
بشنوئي برادري ۾ ڪاري هرڻ کي هڪ مقدس سمجهيو ويندو آهي.
بشنوئي ۽ سلمان خان وچ ۾ تڪرار ان وقت شروع ٿيو جڏهن سال 1998ع ۾ سلمان خان ساٿي اداڪار سيف علي خان، تبو، سونالي ۽ نيلم سان گڏ فلم ” هم ساٿ ساٿ هين “ جي شوٽنگ لاءِ راجسٿان جي شهر جوڌپور ۾ موجود هئا.
سال 2018ع ۾ جوڌپور جي عدالت ڪاري هرڻ جي ڪيس ۾ سلمان خان کي پنج سال قيد جي سزا ٻڌائي هئي، بعد ۾ کيس ضمانت تي آزاد ڪيو ويو، پر ان کانپوءِ بشنوئي برادري دبنگ اسٽار جي جاني دشمن بڻجي وئي.
هلندڙ سال 14 اپريل جي صبح ٻن موٽر سائيڪل سوارن ممبئي ۾ سلمان خان جي اپارٽمينٽ ٻاهران فائرنگ ڪري فرار ٿي ويا هئا.
ان کانپوءِ پوليس واقعي ۾ ملوث چئن جوابدارن کي گرفتار ڪرڻ جي دعويٰ ڪئي هئي، شروعات جاچ دوران جوابدارن جو واسطو لارنس بشنوئي گينگ سان ڄاڻايو ويو هو.
گينگسٽر بشنوئي جي ڀاءَ انمول بشنوئي سلمان خان جي گهر تي فائرنگ جي واقعي جي ذميواري قبول ڪئي هئي.
پرڏيهي ميڊيا رپورٽس موجب، 13 آڪٽوبر تي گينگ جي هڪ ميمبر فيسبڪ پوسٽ ذريعي بابا صديقي جي قتل جي ذميواري قبول ڪئي.
فيسبڪ پوسٽ ۾ لکيو ويو ته گينگ بابا صديقي کي اداڪار سلمان خان ۽ دائود ابراهيم سان مبينا رابطن سبب نشانو بڻايو.
پوسٽ ۾ سلمان خان جي گهر جي ٻاهران فائرنگ ۾ هڪ جوابدار انوج ٿاپن جو به ذڪر ڪيو ويو هو.
ياد رهي ته لارنس بشنوئي جو ڳاڻيٽو ڀارت جي وڏن گينگسٽرز ۾ ٿيندو آهي ۽ هو هن وقت تهاڙ جيل ۾ قيد آهي.
مشهور پنجابي راڳي سڌو موسي والا جي قتل جي ذميواري به لارنس بشنوئي گينگ جي هڪ رڪن قبول ڪئي هئي.

 

You might also like
Leave A Reply

Your email address will not be published.