مشهور گلوڪار ٽِين ماڙ تان ڪِري فوت

بيونس آئرس ( ويب ڊيسڪ ) مشهور ميوزڪ پاپ بينڊ ون ڊائريڪشن جو ناليوارو راڳي ليان پين لاڏاڻو ڪري ويو.
پرڏيهي ميڊيا موجب، بيونس آئرس پوليس جو چوڻ آهي ته ليان پين ارجنٽينا جي راڄڌاني جي هڪ هوٽل جي ٽِين ماڙ تان ڪِريو جنهن جي نتيجي ۾ هو سخت زخمي ٿي پيو.
پوليس موجب، طبي ماهرن جي ٽيم موقعي تي ئي سندس موت جي تصديق ڪئي.
پرڏيهي ميڊيا موجب، ليام پين پنهنجي اڳوڻي ون ڊائريڪشن بينڊ ميٽ نيل هوران جي ڪانسرٽ ۾ شرڪت لاءِ بيونس آئرس آيل هو.
ٻئي پاسي دي سن اخبار جي رپورٽ موجب، راڳي جي موت جي خبر ان وقت سامهون آئي آهي جڏهن ته هو پنهنجي ٻئي سولو البم جي رليز نه ٿيڻ تي سخت پريشانين کي منهن ڏئي رهيو هو.
رپورٽ ۾ گلوڪار جي هڪ ويجهي ذريعي جو حوالو ڏيندي انڪشاف ڪيو ويو آهي ته اڄڪلهه ليام لاءِ حالتون سازگار نه هيون، سندس اڳوڻو مئنيجر راجر به هلندڙ سال جي شروعات کيس اڪيلو ڇڏي ڏنو هو.
هواڏنهن مداح ليام پين جي اوچتي وڇوڙي تي صدمي وٺجي ويا آهن، جڏهن ته پوليس سندس موت جي جاچ ڪري رهي آهي.

You might also like
Leave A Reply

Your email address will not be published.