اوٽاوا (ويب ڊيسڪ) ڪينيڊين وزيراعظم جسٽن ٽروڊو چيو آهي ته ڀارت ڪينيڊا جي خود مختياري ۾ جارحاڻي انداز سان مبينا طور مداخلت جي ڪوشش ڪري وڏي خوفناڪ غلطي ڪري ڇڏي.
سک عليحدگي پسند اڳواڻ جي قتل جي سازش ۾ مبينا طور تي ملوث هجڻ جي الزام ۾ 6 ڀارتي سفارتڪارن کي ملڪ بدر ڪرڻ کانپوءِ ٽروڊو پنهنجي بيان ۾ چيو ته ڀارت ڪينيڊا ۾ ڀارتي مخالفن کي نشانو بڻائڻ جون وڏي پئماني تي ڪوششون ڪري رهيو هو.
ڪينيڊين سياست ۾ پرڏيهي مداخلت بابت جاچ جي موقعي تي جسٽن ٽروڊو چيو ته ڀارتي حڪومت خوفناڪ غلطي ڪئي جو ان سوچيو ته ڪينيڊا جي سلامتي ۽ خود مختياري ۾ ايڏي جارحاڻي مداخلت ڪري سگهندو.
هن چيو اسان پنهنجي شهرين جي حفاظت لاءِ وڌيڪ قدم کڻي سگهون ٿا.
هوڏانهن ڀارت ڪينيڊا جي خود مختياري ۾ مداخلت بابت جسٽن ٽروڊو جو الزام رد ڪري ڇڏيو آهي.
Next Post
You might also like