پرسڪون ننڊ ڪنهن نعمت کان گهٽ ناهي، ننڊ جي کوٽ انسان کي نه رڳو جسماني پر ذهني طور به ڪمزور ڪندي آهي.
ننڊ جو اسان جي صحت تي گهرو اثر هوندو آهي، جيڪڏهن توهان وقت تي سمهڻ کي پنهنجي عادت بڻائي ڇڏيو ته ذهني ۽ جسماني طور صحتمند رهي سگهو ٿا ۽ ڪيترن ئي بيمارين کان بچي سگهو ٿا.
هونئن ته ننڊ جي کوٽ جا کوڙ نقصان آهن پر اهو ٻڌي توهان کي حيراني ٿيندي ته ننڊ جي کوٽ سان وارَ ڇڻڻ جو مسئلو به ٿي سگهي ٿو.
ننڊ جي کوٽ وارن کي ڪيئن متاثر ڪندي آهي؟
ماهرن موجب جڏهن انسان جي ننڊ پوري ناهي هوندي ته ڪورٽيسون نالي هارمون جسم مان خارج ٿيندو آهي، جيڪو نه رڳو اسان جي صحت لاءِ نقصانڪار آهي پر ان سان وارن کي به نقصان پهچي سگهي ٿو.
مختلف تحقيقن ۾ اها ڳالهه سامهون آئي آهي ته ننڊ جي کوٽ وار ڇڻڻ جو سبب بڻجڻ سان گڏ انهن جي واڌ ويجهه کي به متاثر ڪندي آهي.
رپورٽن موجب ان حوالي سان 2002 کان 2013 تائين ڪئي ويندڙ هڪ ڪوريائي تحقيق ۾ انڪشاف ٿيو ته ننڊ جي کوٽ جو شڪار ماڻهو گنجا ٿيڻ جو خطرو وڌيڪ هوندو آهي.
ڪيترا ڪلاڪ ننڊ ضروري آهي؟
ماهرن موجب گهٽ ۾ گهٽ 7 کان 8 ڪلاڪ ننڊ هر فرد لاءِ ضروري آهي.
Prev Post
You might also like