ڪراچي (رپورٽر) سنڌ جي گهرو کاتي ڊاڪٽر شاهنواز قتل ڪيس ۾ عدالتي جاچ لاءِ رجسٽرار سنڌ هاءِ ڪورٽ کي خط لکي ڇڏيو آهي. گهرو کاتي خط ۾ چيو آهي ته واقعي جي اصل حقيقتن ۽ ذميوارن جو پتو لڳائڻ لاءِ عدالتي جاچ ضروري ٿي وئي آهي. گهرو وزير ضياءَ الحسن لنجار جي هدايت تي صوبائي گهرو کاتي سنڌ هاءِ ڪورٽ جي رجسٽرار کي خط لکي ڇڏيو آهي. خط ۾ مطالبو ڪيو ويو ته هاءِ ڪورٽ جي حاضر سروس ججن کي ڊاڪٽر شاهنواز قتل ڪيس جي جاچ جو حڪم ڏنو وڃي.