6 تڪراري ڪئنال، سنڌو سڪائڻ جي سازش قرار

اسلام آباد/ ڪراچي(م ڊ) سنڌو کي سڪائڻ جي سازش تيز ٿي وئي، وفاقي حڪومت سنڌو مان تڪراري ڪئنال ڪڍڻ جي منظوري ڏئي ڇڏي آهي، وفاقي حڪومت پنجاب جي ڀڙڀانگ چولستان کي آباد ڪرڻ لاءِ پنجاب جي فرمائش تي 6 ڪئنال ڪڍڻ جي منظوري ڏئي ڇڏي آهي، تڪراري ڪئنالن تي 2 کرب 11 ارب 33  ڪروڙ 99 لک 71 هزار رپيا خرچ ٿيندا، سنڌ جي سخت اعتراضن باوجود سي ڊي ڊبليو پي تڪراري منصوبي جي منظوري ڏني، سي ڊي ڊبليو پي ڪئنال ٺاهڻ جو معاملو حتمي منظوري لاءِ ايڪنڪ ڏانهن اماڻي ڇڏيو آهي، دستاويزن موجب چولستان کي آباد ڪرڻ لاءِ 176 ڪلو ميٽر ڊگهو چولستان ڪئنال ٺاهيو ويندو، چولستان ڪئنال مان مائنر ۽ ٻي لنڪ ڪئنال ڪڍيا ويندا، ٻي پاسي پ پ اڳواڻ سسئي پليجو چيو آهي ته وفاقي حڪومت غير آئيني نموني سي ڊبليو پي مان منظوري ورتي آهي، رٽائرڊ ڪامورن جون زمينون آباد ڪرڻ لاءِ سنڌو درياهه مان نوان ڪئنال ڪڍيا پيا وڃن، پاڻي اسان جي زندگي ۽ موت جو مسئلو آهي، اسان پنهنجي ماڻهن کي بکيو ۽ اڃيو ماري ڪنهن کي جشن ملهائڻ نه ڏينداسين،فيصلا ڪندڙن کان پڇڻ چاهيون ٿا ته ڇا اوهان آئين ناهي پڙهيو؟ هوڏانهن سنڌ ترقي پسند پارٽي جي سربراهه ڊاڪٽر قادر مگسي چيو آهي ته سنڌو درياهه تي ڪوبه ڊيم يا ڪئنال قبول نه ڪنداسين، وفاقي حڪومت پ پ جي راضپي کانسواءِ ڪو فيصلو ڪري اهو مممڪن ناهي، پنجاب سالن کان سنڌ جي پاڻي تي ڌاڙو هڻي رهيو آهي، سنڌ جا ماڻهو سڄاڳ نه ٿيا ۽ رستن تي نه آيا ته ڪجهه به نه ٿيندو، قومي عوامي تحريڪ جي سربراهه اياز لطيف پليجو چيو آهي ته سنڌو مان ڪئنال ڪڍڻ جي منظوري اوچتو ناهي ڏني وئي، سنڌو مان ڪئنال ڪڍڻ ۽ سنڌ جي پاڻي تي ڌاڙو هڻڻ جي تاريخ پراڻي آهي، سنڌ دشمن منصوبن خلاف قومي عوامي تحريڪ احتجاج جو سڏ ڏنو آهي، سنڌ دوست ڌرين سان گڏجي سنڌ دشمن منصوبن خلاف روڊن تي اينداسين، اڳوڻي وفاقي سيڪريٽري فضل الله قريشي جو چوڻ آهي ته سي سي آءِ جي منظوري کان سواءِ ڪئنال ڪڍڻ جو فيصلو غير آئيني آهي، سنڌ حڪومت پاڻي ڪيس اڳوڻي سي سي آءِ ۾ کڻي وئي ان تي اڃا فيصلو ناهي ٿيو، چولستان جي مجموعي طور تي 60 لک ايڪڙ غير آباد زمين آهي، ڪئنالن جو هي منصوبو چولستان جي 4 لک ايڪڙ زمين آباد ڪرڻ لاءِ آهي، جيڪڏهن هنن کي هي منصوبو ڦٻي ويو ته نئون منصوبو ايندو، انڪري سنڌي ماڻهو سجاڳ ٿين.

 

You might also like
Leave A Reply

Your email address will not be published.