لنڊن (ويب ڊيسڪ ) چيمپيئنز ٽرافي ۾ ڀارت جي شموليت تي اي سي بي چيف رچرڊ ٿامسن جو موقف سامهون آيو آهي.
انگلينڊ ڪرڪيٽ بورڊ جي سربراهه رچرڊ ٿامسن جو چوڻ آهي ته ڀارت کانسواءِ چيمپيئنز ٽرافي ممڪن ناهي، ڀارت جي پاڪستان نه اچڻ تي متبادل وينيو موجود آهن پر ڀارت کانسواءِ ايونٽ ممڪن ناهي.
رچرڊ ٿامسن چيو ته براڊ ڪاسٽ حقن کي محفوظ رکڻ ضروري آهي، في الحال ايونٽ ۾ ڪجهه مهينا باقي آهن، اميد آهي پاڪستان ۽ ڀارت ان جو حل ڳولي وٺندا.
واضح رهي ته پاڪستان طرفان ڄاڻايل شيڊيول موجب، ڀارت جون ٽورنامينٽ ۾ سموريون ميچون لاهور جي قذافي اسٽيڊيم ۾ رکيون ويون آهن.
You might also like