امتحانن ۾ پاس ٿيڻ جو نئون گريڊنگ سسٽم متعارف

اسلام آباد (ويب ڊيسڪ) پاڪستان ۾ امتحانن ۾ پاس ٿيڻ جو نئون گريڊنگ سسٽم متعارف ڪرايو ويو.
تعليم واري وزارت نئين گريڊنگ پاليسي بابت پڌرائي جاري ڪري ڇڏي، جنهن موجب هاڻ نمبرن بدران گريڊ ذريعي امتحانن جا نتيجا ڏنا ويندا.
پڌرائيءَ ۾ چيو ويو آهي ته گريڊنگ سسٽم 2024 جي اڪيڊمڪ سال کان لاڳو ٿيندو ۽ پهرئين مرحلي ۾ گريڊنگ سسٽم نائين ۽ يارهين جماعت تي لاڳو ٿيندو، نمبرن بدران هاڻ گريڊ پوائنٽ ايوريج يا سي جي پي اي ڳڻيو ويندو.
پڌرائيءَ موجب انٽر بورڊ ڪميٽي آف چيئرمين سيڪنڊري ۽ هائير سيڪنڊري سطح تي گريڊنگ سسٽم متعارف ڪرائي ڇڏيو، 7 پوائنٽون گريڊنگ سسٽم جي جاءِ تي هاڻ 10 پوائنٽون گريڊنگ سسٽم هوندو، گريڊز ۾ اي پلس پلس، اي پلس، اي، بس پلس پلس، بي پلس ۽ بي گريڊ هوندو، گريڊن ۾ سي، ڊي اي ۽ يو گريڊ به هوندو.
امتحانن ۾ ڪاميابي جون گهٽ کان گهٽ مارڪون 33 سيڪڙو مان وڌائي 40 سيڪڙو ڪيون ويون آهن.
پڌرائيءَ موجب سال 2025 کان ڪاليجن ۽ يونيورسٽين ۾ رڳو گريڊنگ سسٽم ئي هلندو، وفاق، سنڌ، بلوچستان ۽ گلگت بلتستان نئين گريڊنگ پاليسي لاڳو ڪري ڇڏي آهي.

You might also like
Leave A Reply

Your email address will not be published.