مُئلن سان گڏ زندگي گذاريندڙ حيرت انگيز قبيلو!

ڇا توهان ڪڏهن سوچيو آهي ته ماڻهو پنهنجي مري ويل پيارن سان گڏ زندگي گذارين؟ جي ها انڊونيشيا جي سولاويسي جبلن ۾ توراجن ڪميونٽي هڪ اهڙو منفرد عمل ڪندي آهي، جيڪو توهان کي دنگ ڪري ڇڏيندو.
توراجن ڪميونٽي پنهنجي مري ويل عزيزن کي مُئل ناهي سمجهندي، انهن موجب مرڻ کانپوءِ به روح جو وجود ختم ناهي ٿيندو، تنهن ڪري هو پنهنجي پيارن جي لاشن کي ممي ٺاهيندا آهن ۽ انهن جي سار سنڀال صفا جيئرن ماڻهن وانگر ڪندا آهن، کين کاڌو، پاڻي ۽ ڪپڙا به ڏنا ويندا آهن.
لاشن کي فارملڊي هائيڊ ۽ پاڻي ذريعي محفوظ ڪيو ويندو آهي ته جيئن اهي بهترين حالت ۾ رهن، ڇو ته توراجن جي ماڻهن جو مڃڻ آهي ته چڱي طرح محفوظ ٿيل جسم خوش قسمتي آڻيندو آهي.
توراجن جا ماڻهو ننڍپڻ کان ئي موت کي زندگي جو حصو سمجهڻ سکندا آهن ۽ ان کي قبول ڪري اڳتي وڌندا آهن، اهو انهن جو فرض سمجهيو ويندو آهي ته پنهنجي عزيزن کي محفوظ رکن ۽ جيستائين ممڪن ٿي سگهي انهن جي سار سنڀال ڪن.
جيڪڏهن لاش دفن ٿي وڃن ته پوءِ به هڪ تهوار دوران انهن کي قبرن مان ڪڍيو ويندو آهي، صاف ڪيو ويندو آهي ۽ نوان ڪپڙا پائي ڳوٺ آندو ويندو آهي ته جيئن وري کين پنهنجي پيارن سان گڏ زندگي جو حصو بڻائي سگهجي.

You might also like
Leave A Reply

Your email address will not be published.