ملتان (ويب ڊيسڪ ) انگلينڊ جي فاسٽ بالر ميٿيو پوٽس چيو آهي ته پاڪستان خلاف ٻي ٽيس ٽميچ ۾ ٽيم شامل ٿيڻ سندس لاءِ اعزاز جي ڳالهه آهي.
انگلش فاسٽ بالر ميٿيو پوٽس ميڊيا سان ڳالهائيندي چيو ته پرهين ڏينهن فاسٽ بالرن پوري ڪوشش ڪئي، ڀائيواري ٽوڙڻ مشڪل هو.
هن چيو ته بالنگ جي حوالي سان ڪوچ جميز اينڊرسن کان گهڻو ڪجهه سکي رهيو آهيان، ملتان ۾ موسم انتهائي گرم آهي، ملتان جي پِچ تي فاسٽ بالرن لاءِ اڃا به گهڻو ڪجهه آهي.
هن وڌيڪ چيو ته مان هتي سکي رهيو آهيان، ڪرس ووڪس ۽ جيمز اينڊرسن ٽپس ڏنيون، گرم موسم ۾ ڊسپلن سان بالنگ ڪرڻ جي ڪوش ڪئي ويندي آهي.
You might also like