ڪينبرا (ويب ڊيسڪ ) ڪرڪيٽ آسٽريليا، انگلينڊ ۽ آسٽريليا وچ ۾ ايندڙ سال رٿيل ايشز سيريز جو شيڊيول جاري ڪري ڇڏيو.
ڪرڪيٽ سيزن 26-2025ع ۾ آسٽريلوي ٽيم ايشز سيريز جي ميزباني ڪندي، آسٽريليا ۽ انگلينڊ جي ٽيمن وچ ۾ پهرين ٽيسٽ ميچ پرٿ ۾ 21 نومبر 2025ع تي کيڏي ويندي.
برسبين ۾ ٻي ٽيسٽ ميچ ڊي نائيٽ هوندي جيڪا چار ڊسمبر کان شروع ٿيندي جڏهن ته ٽِين ٽيسٽ ايڊيليڊ ۾ 17 ڊسمبر تي شيڊيول آهي.
باڪسنگ ڊي ٽيسٽ 26 ڊسمبر تي ميلبورن جڏهن ته نيو ايئر ٽيسٽ ٽي جنوري 2026ع تي سڊني ۾ کيڏي ويندي.
You might also like