لاهور ( ويب ڊيسڪ ) پنجاب جي تعيلمي ادارن ۾ شاگردن سان مبينا طور پيش آيل هراساني جي واقعن جي جاچ لاءِ لاهور هاءِ ڪورٽ ۾ درخواست داخل ڪئي وئي آهي.
ايڊووڪيٽ رانا سڪندر طرفان داخل ڪيل درخواست ۾ پنجاب حڪومت کي چيف سيڪريٽري ذريعي ڌر بڻايو ويو آهي.
درخواست ۾ موقف اختيار ڪيو ويو آهي ته پنجاب يونيورسٽي ۾ شاگردياڻيءَ جي مبينا آپگهات وارو واقعو سامهون آيو جڏهن ته لاهور جي نجي ڪاليج شاگردياڻي سان زيادتيءَ تي احتجاج ڪيو ويو، اهڙي ريت مقامي سرڪاري يونيورسٽي ۾ نه شاگردن هراسان ڪرڻ خلاف احتجاج ڪيو.
درخواستگذار موجب، شاگردن جو تحفظ پنجاب حڪومت جي ذميواري آهي پر صوبائي حڪومت تعليمي ادارن ۾ شاگردن کي هراسان ڪرڻ وارن واقعن تي ڪو به ايڪشن ناهي ورتو.
درخواستگذار عدالت کان استدعا ڪئي آهي ته تعليمي ادارن ۾ شاگردن کي هيسائڻ وارن واقعن جي جاچ ۽ پنجاب حڪومت کي تعليم پرائيندڙ شاگردن جي تحفظ کي يقيني بڻائڻ جو حڪم ڏئي
You might also like