لاهور: نجي ڪاليج ۾ شاگردياڻي سان مبينا زيادتي خلاف شاگرد سراپا احتجاج، پوليس جو اهم بيان

لاهور (ويب ڊيسڪ ) لاهور جي نجي ڪاليج ۾ شاگردياڻي سان اجتمائي زيادتيءَ جي مبينا واقعي خلاف شاگردن ۽ عورت مارچ سان تعلق رکندڙن طرفان پنجاب اسيمبليءَ ٻاهران احتجاجي مظاهرو ڪيو ويو.
لاهور نجي ڪاليج ۾ زيادتي جي مبينا واقعي خلاف شاگرد ٻن ڏينهن کان سراپا احتجاج آهن جڏهن ته پوليس جو چوڻ آهي ته مبينا زيادتي جو ڪو ثبوت يا اکين ڏٺا شاهد ناهن مليا.
پنجاب پوليس جي ترجمان موجب، مبينا واقعي بابت جيڪڏهن ڪنهن به شهري وٽ ڪائي ڄاڻ آهي ته هو ورچوئل وومين پوليس اسٽيشن کي آگاهه ڪري.
ترجمان جو چوڻ آهي ته اطلاع ڏيندڙ جو نالو راز ۾ رکيو ويندو، غير تصديق ٿيل واقعي بابت هر پهلوءَ جو جائزو ورتو پيو وڃي.
پوليس جو چوڻ آهي ته ڪجهه ڌروين شاگردن کي احتجاج ڪرڻ تي ورغلائي رهيون آهن.
احتجاج ڪندڙ شاگردن جو چوڻ اهي ته هنن کي مبينا زيادتي بابت مختلف سوشل ميڊيا پليٽ فارمز ذريعي پتو پيو، وٽن ڪو به ثبوت نه آهي.

You might also like
Leave A Reply

Your email address will not be published.