ڪراچي (ويب ڊيسڪ ) سنڌ هاءِ ڪورٽ جبري لاپتا ۽ پاڻمرادو گم ٿيل ماڻهن جي ڌار ڌار ڪيٽيگريز ٺاهڻ جي هدايت ڪئي آهي.
سنڌ هاءِ ڪورٽ ۾ لاپتا ماڻهن جي بازيابي بابت شهرين جي درخواست تي ٻڌڻي، ان سلسلي ۾ لاپتا ماڻهن جا گهرڀاتي، پوليس عملدار ۽ سرڪاري وڪيل عدالت ۾ پيش ٿيا.
عدالت سرڪاري وڪيل کان لاپتا ماڻهن جي فهرست جي تعين جو ميڪنزم طلب ڪندي چيو ته گم ٿيل ماڻهن جي ڪيٽيگريز جو تعين ڪرڻ کانسواءِ ڪيس حل نه ٿيندو.
ٻڌڻي دوران درخواستگذار عدالت کي ٻڌايو ته شهري محمد طاهر ۽ محمد انور سهراب ڳوٺ مان گم ٿي ويا، اعزاز الحسن، محمد عمر فاروق ۽ محمد پرويز به مختلف علائقن مان غائب ٿيا.
ڪيس جي جاچ آفيسر عدالت کي ٻڌايو ته لاپتا شهام صديقي نشو ڪندو هو ۽ پاڻمرادو گم ٿيو آهي، ان تي عدالت پڇاڻو ڪيو ته نشي جي عادي شهرين کي گم ٿيل ماڻهن واري ڪيس ۾ ڪيئن شامل ڪري سگهجي ٿو؟ پر هر شهري جي ڳولا رياست جي ذميواري آهي.
عدالت سرڪاري وڪيل کي جبري لاپتا ۽ ماڻمرادو گم ٿيندڙن جي ڌار ڌار ڪيٽيگريز ٺاهڻ جي هدايت ڪندي ڪيس جي وڌيڪ ٻڌڻي چئن هفتن لاءِ ملتوي ڪري ڇڏي.
Prev Post
You might also like