اسلام آباد(معظم فخر) ٽن سياسي اڳواڻن جي واپسي ٿي رهي آهي. رياست جي ويجهو سمجهيا ويندڙ ٻن سياسي اڳواڻن کي اسد قيصر پي ٽي آءِ ۾ آڻڻ جي ڪوشش ڪري رهيو آهي. ڊگهو وقت اسد قيصر منظر تان گم هو پر اهو هڪ مشن تي هو. پي ٽي آءِ قيادت محسوس ڪيو هو ته کين اهڙا ماڻهو گهرجن جن تي رياست کي اعتماد هجي ۽ اهي ڳالهه مڃرائڻ جي پوزيشن ۾ به هجن. انهن ۾ مشاهد حسين سيد سرفهرست آهي، مشاهد حسين سيد کي رياست سان ويجهو سمجهيو ويندو آهي. اطلاع آهن ته اسد قيصر مشاهد حسين سيد سان رابطا ڪري رهيو آهي ۽ مشاهد حسين سيد به راضپو ڏيکاريو آهي. ٻي اهم شخصيت چوڌري نثار آهي جيڪو سياست مان گم آهي. اسد قيصر چوڌري نثار سان پڻ رابطو ڪيو ٻئي پاسي اعظم سواتي کيس پي ٽي آءِ ۾ شموليت تي ڀليڪار به چيو هو. چوڌري نثار پي ٽي آءِ ۽ رياست وچ ۾ رابطا بهتر ڪرڻ ۾ اهم ڪردار ادا ڪري سگهي ٿو. سندس شموليت ڪجهه ڏينهن ۾ ٿي ويندي جنهن تي پي ٽي آءِ وارا خوش نظر اچن ٿا.
ٽئين شخصيت مصطفيٰ نواز کوکر آهي جنهن جي حوالي سان پڻ خبرون آهن ته هو پي ٽي آءِ ۾ شامل ٿي ويو آهي. ذريعن موجب هو پڻ پي ٽي آءِ ۾ انٽري ڏيڻ وارو آهي.