ملتان (ويب ڊيسڪ ) ملتان ٽيسٽ ۾ انگلينڊ پاڪستان کي هڪ اننگز ۽ 47 رنسن تان شڪست ڏئي ڇڏي.
پاڪستان ٽيسٽ ڪرڪيٽ جي 147 سالا تاريخ ۾ پهرين اننگز ۾ پنج سئو کان وڌيڪ رنسون ٺاهڻ باوجود اننگز شڪست تان هارائيندڙ دنيا جي پهرين ٽيم بڻجي وئي.
ٽيسٽ ڪپتان شان مسعود ڪپتان طور هڪ ڀيرو وري ناڪام ٿي ويو، سندس قيادت ۾ قومي ٽيم مسلسل ڇهين ميچ هارائي آهي.
شان مسعود جي ڪپتاني ۾ پاڪستان کي آسٽريليا خلاف 3-0 تان شڪست جو منهن ڏسڻو پيو، هوم سيريز ۾ بنگلاديش پاڪستان کي 2-0 تان مات ڏني، انگلينڊ خلاف ٽن ٽيسٽ ميچن تي ٻڌل سيريز جي پهرين ميچ ۾ به قومي ٽيم کي شرمناڪ شڪست ملي.
ذريعن موجب، ڏکڻ آفريڪا خلاف شيڊيول ٽيسٽ سيريز ۾ پي سي بي نئون ڪپتان آڻڻ جو فيصلو ڪري ورتو آهي.
ذريعن جو چوڻ آهي ته ڏکڻ آفريڪا جي دوري لاءِ قومي ٽيم جي قيادت سلمان علي آغا يا محمد رضوان کي سونپي سگهجي ٿي.
You might also like