فون سمن جي غير قانوني استعمال ۾ ملوث ٻن جوابدارن کي 4 سال قيد جي سزا

فيصل آباد (ويب ڊيسڪ) فون سمن جي غير قانوني استعمال ۾ ملوث ٻن جوابدارن کي 4 سال قيد ۽ 4 لک 20 هزار رپيا ڏنڊ جي سزا ٻڌائي وئي.
ايف آءِ اي طرفان ٻڌايو ويو ته فون سمن جي غير قانوني استعمال ۾ ملوث ٻن جوابدارن کي سزا ٻڌائي وئي.
ايف آءِ اي چيو ته سينيئر سول جج ڪرمنل جوابدارن عاصم ۽ علي رضا کي 4 سال قيد ۽ 4 لک 20 هزار رپيا ڏنڊ جي سزا ٻڌائي.
وفاقي جاچ اداري چيو ته جوابدار حساس اداري جا ماڻهو ۽ بئنڪ آفيسر بڻجي شهرين کي ڪالز ڪندا هئا ۽ کين هراسان ڪري بئنڪ اڪائونٽ وٺي لکين رپيا ڦٻائيندا هئا.
ايف آءِ اي ٻڌايو ته جوابدارن خلاف سائبر ڪرائم تحت ڪيس داخل ڪيو ويو آهي.

You might also like
Leave A Reply

Your email address will not be published.