ڀارتي ريپر ۽ راڳي يو يو هني سنگهه طرفان ڇُهڻ تي مشهور پاڪستاني اداڪارا مهوش حيات جي شرمائڻ جي وڊيو سوشل ميڊيا تي وائرل ٿي وئي.
مهوش حيات ۽ هني سنگهه انسٽاگرام تي گڏيل مختصر وڊيو شيئر ڪئي، جنهن ۾ ڀارتي ريپر کي پنهنجا گيت ڳائيندي ڏسي سگهجي ٿو.
مختصر وڊيو ۾ هني سنگهه ۽ مهوش حيات هڪ جاءِ تي ويٺل نظر اچي رهيا آهن ۽ ڀارتي ريپر امڪاني طور تي مهوش حيات سان گڏ ايندڙ پنهنجو نئون گانو ڳائي رهيو آهي.
هني سنگهه گيت ڳائڻ دوران اوچتو مهوش حيات جي چهري کي ڇُهي ٿو، جنهن تي مهوش حيات شرمائجي وڃي، وڊيو وائرل ٿيڻ کانپوءِ واهپيدار ان تي دلچسپ تبصرا ڪري رهيا آهن.
واهپيدارن تبصرا ڪندي هني سنگهه کي اداڪارا کان پري رهڻ جو مشورو ڏنو، گڏوگڏ واهپيدارن پاڪستاني اداڪارا کي به ڀارتي ريپر کان پري رهڻ جي صلاح ڏني.
واهپيدارن اِهو به لکيو ته هو هني سنگهه جي مهوش حيات سان گڏ گيت جي رليز ٿيڻ جو بي صبري سان انتظار ڪري رهيا آهن.