ڪنڌڪوٽ ۾ ”امن کپي“ جي سري هيٺ آل پارٽيز موومينٽ جي سڏ تي ٿيندڙ احتجاج پر لڳي ٿو ته هاڻي فيصلائتي مرحلي ۾ به داخل ٿيڻ لڳو آهي يعني ان احتجاج مقامي انتظاميا کي ڪافي حدتائين لوڏي ڇڏيو آهي. امن جي بحالي لاءِ مڪمل شٽر بند هڙتال ڪئي وئي. هڙتال دوران آل پارٽيز موومينٽ جي ڳواڻن ميڊيا سان ڳالهائيدي چيو ته اسان کي ڏوهارين جي رحم ڪرم تي ڇڏيو ويو آهي هاڻي اسين پنهنجي قسمت هن تحريڪ ذريعي تبديل ڪنداسين ۽ هڙتال جاري رکنداسين. جيڪڏهن ڪنهن کي اسان جي پرواهه ناهي ته هاڻي اسين به ڪنهن جي پرواهه نه ڪنداسين. هنن چيو ته اسان جو احتجاج پندرنهن ڏينهن کان هلندڙ آهي پر هن وقت تائين ڪو به چونڊيل نمائندو ظاهر ناهي ٿيو. رپورٽن موجب احتجاج هلندي ايس ايڇ او ۽ مظاهرو ڪندڙن جي وچ ۾ ڏند چڪ پڻ ٿي. مقامي پوليس بجاءِ ان جي ته احتجاج ڪندڙن سان ايڪتا جو مظاهرو ڪري الٽو احتجاجي ڪئمپ تي چڙهائي ڪري مظاهرين کي هراسان ڪيو آهي ۽ هڙتال ختم ڪرائڻ لاءِ اڳواڻن خلاف ايف آءِ آر جون ڌمڪيون ڏنيون پيون وڃن. هوڏانهن رپورٽن موجب ايس ايڇ او سيڪشن احتجاجي ڪئمپ تي پهچڻ بعد ميڊيا سان ڳالهائيندي چيو ته هتي جيڪي به هڙتال ڪرائن ٿا جيڪي احتجاج ۾ ويٺل آهن اهي سڀ بشنين، چورن ۽ ڌاڙيلن جا يار آهن. هن چيو ته جڏهن کان اسان ڀتاخوري ختم ڪئي آهي ته هاڻي پوليس خلاف هڙتالون به ڪن ٿا ۽ احتجاج به ڪن ٿا. هن چيو ته بدامني جي آڙ ۾ هي پوليس کي بليڪ ميل ڪن ٿا.
اسان کي ڪنڌڪوٽ جي پوليس جي اختيار ڪيل موقف تي حيرت سان گڏ افسوس آهي ته اها احتجاج ڪندڙن کي بشنين، ڏوهارين ۽ ڌاڙيلن جو يار سڏي غير زميواري جو مظاهرو ڪري رهي آهي. پر اسان به انتهائي احترام سان ايس ايڇ او آڏو پنهنجو موقف رکنداسين ته احتجاج ڪندڙ ڌاڙيلن جا يار ناهن پر عام تاثر اهو آهي ته پوليس ڌاڙيلن جي سهولتڪار هوندي آهي. اها ڳالهه برابر سڀني پوليس اهلڪارن لاءِ نه ٿي چئي سگهجي اها به حقيقت آهي ته ڪيترن پوليس اهلڪارن ڌاڙيلن سان مقابلي ۾ پنهنجيون جانيون به وڃايون آهن جن کي اسان شهيد چوندا آهيون پر پوليس جي ڪارڪردگي مجموعي طور تي تنقيد کان مٿانهين ناهي سو پوليس تي ٿيندڙ تنقيد تي ارهو ٿيڻ بدران ان کي پنهنجي اصلاح طور ڪتب آڻڻ گهرجي. ٻيو ته جيڪي ڌريون احتجاج ڪري رهيون آهن سي بدامني جي خلاف ۽ امن جي بحالي لاءِ ڪري رهيون آهن سندن ان احتجاج ۾ ڪنهن پوليس اهلڪار کي ٽارگيٽ ناهي بڻايو ويو ۽ نه ئي ان جي بدلي جو مطالبو ڪيو پيو وڃي جو چئجي ته پوليس کي بليڪ ميل ڪرڻ لاءِ احتجاج ڪيو پيو وڃي ڄاڻايل ايس اڇ او جي ان موقف سان بلڪل به متفق ناهيون، اڃان به سندن ان بيان کي احتجاج ڪندڙن سان ذيادتي سمجهون ٿا. پر جيڪڏهن اڻ سڌي طرح بدامني جي ذميوار پوليس کي سمجهيو وڃِي ٿو ته اهو خيال به غلط ناهي ڇاڪاڻ ته اصولي طور تي عوام جي جان، مال ۽ عزت جي تحفظ جي زميواري حڪومت ۽ پوليس جي هوندي آهي.
سو پوليس کي عوام دوست پاليسي اختيار ڪندي هر لحاظ کان ۽ هر صورت ۾ عوام سان بيهڻ گهرجي. اهو پوليس جو عوام تي ڪو احسان ناهي هوندو پر ان جي ڊيوٽي جي اها تقاضا هوندي آهي ته اها گرمي توڙي سردي هجي، عوام جي تحفظ لاءِ رستن تي موجود هجي. سندن ڊيوٽي جي نوعيت ئي اهڙي آهي. اها به حقيقت آهي ته پوليس کاتي جي تاريخ ۾ عوام دوست پوليس آفيسر ۽ اهلڪار رهيا آهن جن سندن شاندار ڪارڪردگي سبب عوامي پذيرائي به مليل هوندي آهي ۽ ان ڪارڪردگي جي بنياد تي سندن پروموشن به ٿيندا آهن ته ترقيون به ملنديون اٿن سو هي معاملو ڏي وٺ وارو آهي. سٺو ڪم ڪبو ته ساراهه ٿيندي خراب ڪم ٿيندو ته تنقيد ٿيندي. پر اها به مڃڻ جي ڳالهه آهي ته پوليس جي ڪارڪردگي مجموعي طور تي تسلي بخش ۽ عوام دوست ناهي رهي.
جيستائين ڪارڪردگي جو سوال آهي ته اسان ته اهو ڏٺو آهي ته هتي لاقانونيت عام ۽ حاوي آهي. ڏوهاري طاقتون جڏهن ۽ جتي چاهين ننڍيون وڏيون وارداتون آرام سان ڪري وڃن ٿيون.سندن نيٽ ورڪ به پوليس جي نيٽ ورڪ کان وڌيڪ مضبوط نظر ايندو آهي.
ايئن اهو به تاثر عام آهي ته اتر سنڌ ۾ ڌاڙيلن جو راڄ آهي ۽ هاڻي ڌاڙيلن جون وارداتون ڪنڌڪوٽ، جيڪب آباد، گهوٽڪي، کان وڌندي شڪارپور ۽ لاڙڪاڻي ۾پڻ داخل ٿي چُڪيون آهن سو وقت واقعي به اهڙو اچي ويو آهي ته بدامني خلاف سڄي سنڌ ۾ احتجاج ڪيو وڃي. جيستائين عوام جو تعلق آهي ته اهو پاڻ قانون هٿ ۾ نٿو کڻي سگهي اهو احتجاج ۽ مظاهرا ڪري ئي حڪومت ۽ مقامي انتظاميا جو ايڏانهن ڌيان ڇڪرائي سگهي ٿو ان وٽ ٻيو ته ڪو ذريعو ناهي تنهن ڪري ئي اهو سراپا احتجاج آهي. پوليس کي ان تي اعتراض آهي ته هڙتال ڇو ٿي ڪئي وڃي، ڪاروبار ڇو ٿو بند ڪيو وڃي پر ان کي اهو به سمجهڻ گهرجي ته پندرنهن ڏينهن جي احتجاج کان پوءِ به ڪو حڪومتي وزير سندن احتجاج جو احساس ڪندي انهن وٽ ڇو نه ڪهي آيو آهي ڇا احتجاج ڪندڙن جي اها ميار صحيح ناهي. جيڪڏهن ڪو حڪومتي وزير احتجاج ڪندڙن سان ايڪتا لاءِ اچي ها ۽ کين يقيني خاطري ڪرائي ها ته ممڪن آهي ته اهو احتجاج ايڏي ڊيگهه نه وٺي ها سو جيڪڏهن ڪنڌڪوٽ واسين جو اهو احتجاج ڊيگهه وٺي آيو آهي ته ان جو ڏوهه به حڪومت ڏي ٿو وڃي.
اهڙي موقعي تي ڪنڌڪوٽ ۾ احتجاج ڪندڙن جي ڪئمپ تي چڙهائي ۽ کين بشني، ڏهارين ۽ ڌاڙيلن جو يار سڏڻ جو مطلب اهو ٿو نڪري ته اهي ڌاڙيلن ۽ بدامني خلاف احتجاج کي ڌاڙيلن جي مفاد ۾ ئي ختم ڪرڻ چاهين ٿا. بجاءِ ان جي ته پوليس پنهنجي شهر کي بدامني کان پاڪ ڪرڻ لاءِ پنهنجيون توانايون استعمال ڪري اها وري احتجاج ڪندڙن تي پنهنجي طاقت ڏيکاري ڏوهارين جي ئي اڻ سڌي طريقي سان مدد ڪري رهي آهي. سو اهو بلڪل به صحيح آهي ته ڏوهارين ۽ ڌاڙيلن خلاف سخت ڪارروائي ڪرڻ بجاءِ ڪنڌ ڪوٽ پوليس وري احتجاج ڪندڙن جي پويان پئجي وئي آهي. جنهن جي اسان مذمت ڪيون ٿا ۽ حڪومت، پوليس توڙي وس وارن کي احتجاج ڪندڙن جو ساٿ ڏيڻ ۽ سندن ڀر جهلو بڻجڻ جي وينتي ڪريون ٿا.